مرزا پائيندہ بيگ ترخان

مرزا پائيندہ بيگ ترخان(انگريزي: Mirza Paiendah Beg Tarkhan)ميرزا محمدباقي جي وفات کانپوءِ، دولت ۽ سلطنت جو ڍارو ميرزا محمد پائينده بيگ جي نالي تي پيو پر جيئن ته ميرزا پائينده، مجذوب ۽ دنياؤمافيها کان بيخبر هو. ان ڪري حڪومت هلائڻ جهڙو نه هو.[1]

مرزا پائيندہ بيگ ترخان
سنڌ جو حاڪم
1607( 991ھ)
پيشرو مرزا باقي خان ترخان
جانشين مرزا جاني بيگ ترخان
نسل مرزا جاني بيگ ترخان
پورو نالو
مرزا پائينده بيگ پٽ مرزا باقي خان ترخان
گهراڻو ترخان
شاھي گھراڻو ترخان گھراڻو
پيءُ مرزا باقي خان ترخان
مذھب اسلام

وفات سنواريو

ميرزا پائينده، پي جي زماني ۾ پٽس ميرزا جاني بيگ ۽ مصاحب شمس ڪشميري سميت سيوهڻ جو حاڪم هو. 982ھ ۾ بکر جو به حاڪم ٿيو. جڏهن ميرزا جاني بيگ سنڌ جي مفتوح ٿيڻ بعد هندستان وڃڻ لاءِ تيارين ۾ هو تڏهن پائينده بيگ ماهه صفر 1000ھ جي ٺتي ۾ وفات ڪئي. هن جي قبر ميرزا عيسيٰ ترخان (اول) سان گڏ (نمبر 5) آهي[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو ؛ ترخان نامو مولف: سيد مير محمد بن جلال ٺٽوي؛مرتب: سيد حسام الدين راشدي؛ مترجم: ميرزا عباس علي بيگ ڇاپو؛ پهريون 1994ع ٻيو 2005ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو