مرزا -اسد- بيگ ”اسد“ ولد مرزا قليچ بيگ 18 سيپٽمبر 1913ع تي ٽنڊي ٺوڙهي، حيدرآباد ۾ ڄائو. هو سٺو شاعر ۽ نثر نويس هو. مرزا -اسد- بيگ ابتدائي -تعليم- ميونسپل اسڪول ٽنڊي -ٺوڙهي- مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪئي. 1934 کان سرڪاري نوڪريءَ ۾ لڳو ۽ سنڌ ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪندي 1970ع ۾ رٽائر ٿيو. سندس پرورش ”شمس العلماءِ“ مرزا قليچ بيگ جهڙي عظيم پيءُ جي شفقت ۾ ٿي، -ان- ڪري علم ۽ ادب کيس ورثي ۾ مليو. شاعريءَ ۾ -استاد- خود سندس والد محترم هو، سندس ڪلام پختو، سادو، رنگين ۽ نمڪين آهي. حمد نعت، منقبت، غزل، نظم، قطعا ۽ ڪافيون چيون اٿس. -اسد- مرزا ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا جيڪي -بمبئي- يونيورسٽيءَ طرفان منظور ٿيل هئا. -ان- کان سواءِ ڪوآپريٽو ڊراما ۽ ڊائلاگ ۽ ”ديوان قاسم“ جي ترتيب وارا سندس ڪتاب اچي وڃن ٿا. ديوان قاسم سنڌي ادب ۾ خاص اهميت رکي ٿو. -ان- ڪتاب جي مقدمي کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. سندس ٻين ڪتابن ۾ ”عجيب جواهر“ ۽ ”ڪلام قليچ“ شآيع ٿيل آهن. هو ماهنامه ”قليچ“ جو -ايڊيٽر- پڻ رهيو. -آگسٽ- 1970ع ۾ -پاڪستان- -ٽيليويزن- ڪراچي سينٽر جي تمثيلي مشاعري ۾ مرزا -اسد- بيگ پنهنجي والد مرزا قليچ بيگ جو ڪردار ادا ڪيو جيڪو سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. هن اهڙو ڪردار 31 ڊسمبر 1981ع تي سنڌي ڊرامي جي سئو ساله جشن جي موقعي تي ٿيل تمثيلي مشاعري ۾ پڻ ادا ڪيو هو. مرزا صاحب 1980ع ۽ 1981ع ۾ پهرين ۽ ٻي ڪل -پاڪستان- -اهل- قلم ڪانفرنس -اسلام- -آباد- ۾ شريڪ ٿيو. 1986ع ۾ کيس پراونشل ايجوڪيشنل ڪائونسل ۾ ميمبر طور کنيو ويو. مرزا -اسد- بيگ ”اسد“ 10 -اپريل- 1990ع تي دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو.[1]