مرزا احمد علي احمد

مرزا احمد علي “احمد”(انگريزي: Mirza Ahmed Ali Ahmed ) مرزا احمد علي “احمد” جي باري ۾ تذڪره نويسن لکيو آهي ته هو اصل ۾ قلات جو رهواسي هو. قلات جي خان مير خداداد خان سان اختلاف پيدا ٿيڻ ڪري 1873ع ڌاري جيڪب آباد ۾ اچي رهيو، پر ترت ئي شڪارپور ۾ عارضي سڪونت اختيار ڪري، خيرپور جي والي مير مراد علي خان جي درٻار سان وابسته ٿي ويو[1]. شڪارپور ۾ رهندي، هتان جي ادبي حلقي ۾ چڱو نانءُ ڪڍيائين، فارسي زبان جو سٺو شاعر هيو. سندس ڪلام هفتيوار “مفرح القلوب” ڪراچي ۾ اڪثر شايع ٿيندو هيو. چوڏهين نومبر 1880ع جي شماري ۾ شڪارپور جي واکاڻ ۾ سندس هيٺيون قصيدو شايع ٿيل آهي، جيڪو سنڌي ترجمي سان پيش ڪجي ٿو[1].

بهشت روئي زمين گلشنِ شکارپور است،

نگار خانهء چين گلشنِ شکارپور است، به قصر هائي فراوان و گل رخان و فير، به باغِ خلد - برين گلشنِ شڪارپور است، اگر ز روضهء مينو سواد گفتندي، يقين شدم که همين گلشنِ شکارپور است، هزار همچو جهاندار و بهره ور بانو، بياببين که درين گلشنِ شکارپور است، چه احتياج کند سوئي گلشنِ “احمد”، کسي که ساکنِ اين گلشنِ شکارپور است.

ترجمو
بهشت روئي زمين گلشنِ شڪارپور آ، نگار خانهء چين گلشنِ شڪارپور آ. فراوان محل ۽ ماڙين ۽ گلرخن جي ڪري، شريڪ – خلد برين گلشنِ شڪارپور آ. پڇو جي مون کان ته ڇا هي بهشت جو روضو، يقين آهي يقين گلشنِ شڪارپور آ. هزارين مثل جهاندار ۽ بهرور بانو، هتي پسين جو پرين گلشنِ شڪارپور آ. ضرور ڪنهن کي آ “احمد” جي باغ ڏانهن ڏسي،

وطن هي جنهن جو حسين، گلشنِ شڪارپور آ.

— مترجم : “آذر” ناياب صديقي

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو: شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ مصنف:نقش ناياب منگي / حسيب ناياب منگي؛ ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال:2017 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2020-12-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. -