مربع (Muraba) عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، ”چئن مصرعن وارو شعر“. اصطلاحي معنيٰ موجب، مربع اهو نظم آهي، جنهن جي هر هڪ بند ۾ چار هم وزن مصرعون هونديون آهن. هن جو پهريون بند اڪثر سڄوئي هڪ قافيہ ٿيندو آهي ۽ باقي هر هڪ بند جون پهريون ٽي مصرعون پاڻ ۾ هم قافيہ هونديون آهن، پر چوٿين مصرع جو قافيو وري پهرئين بند جي قافيي سان مواقف ٿيندو آهي. مربع ۾ هر ڪنهن قسم جو مضمون آڻي سگهجي ٿو. سنڌيءَ ۾ ان قسم جي صنف ”چؤسٽا“ آهي.[1]

حوالاسنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.