مدد:بحث صفحو آرڪائيو ڪرڻ

(مدد:Archiving a talk page کان چوريل)

جڏهن بحث صفحا تمام وڏا ٿي وڃن ٿا ته بحث صفحن يا ڳالهه ٻولهه صفحن کي وقتي طور تي پراڻي ڳالهه ٻولهه يا بحث کي آرڪائيو ڪرڻ جو رواج هوندو آهي. بحث صفحن تي وڏي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ ڳالهه ٻولهه هلائڻ وڌيڪ مشڪل ٿي پوندي آهي، يا اهي بحث صفحا ڇڏيل (متروڪ) ڳالهه ٻولهه تي ٻڌل هوندا آهن يا انٽرنيٽ ڪنيڪشن سُست يا ڪمپوٽرن وارن واپرائيندڙن لاءِ بارَ جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا. ڪنهن آرڪائيو بابت تمام ايڊيٽرز کي اطلاع ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه (بحث) صفحن جي مُنڍ ۾ نوٽيس ڏنو ويندو آهي ته هي صفحو آرڪائيو ڪيو ويو آهي.