مدد:گڏيل ٻولي ڳنڍڻا

انٽرلينگوئج لنڪس (بين الوڪي ڳنڍڻا) وڪيميڊيا جي رٿائن ۾ انهن ڳنڍڻن (لنڪس) کي سڏبو آهي، جيڪي اڪثر منصوبن جي ڪنهن صفحي ۾ ساڄي پاسي مختلف ٻولين ۾ موجود هوندا آهن. اڪثر جڳهن تي ڳنڍڻا ساڳئي مضمون جا ٻين ٻولين جي وڪيپيڊيائن مضمونن جا هوندا آهن جڏهن ته ڪجهه جڳهن تي وڪيميڊيا جي ٻين رٿائن جا ڳنڍڻا به درج هوندا آهي. اهي ڳنڍڻا ٻين ٻولين جي عنوان جي هيٺ نظر ايندا آهن.