سانچو وڪيپپيڊيا ۾ بنيادي اهميت وارو نظام آهي. ان ۾ اهڙِي معلومات ۽ سِٽون سانڍيل هونديون آهن جن کي جي مختلف پَنن (صفحن) ۾ هڪجهڙائي سان استعمال ڪرڻو هجي. سانچا ٻن قِسمَ جا هوندا آهن:

  1. عام سانچا
  2. وضاحت تي ٻَڌل سانچا

سانچن ۾ ٻين صفحن وانگُر ئي سنوارَ ڪري سگهجي ٿي، پر اُهي سَنوارون انتهائي ڌيان طلب هونديون آهن ڇاڪاڻ تہ ترميم يا سنوار هيٺ سانچو جن صفحن ۾ لڳل يا استعمال ٿيندڙ هوندو، ترميم محفوظ ٿيندي ئي انهن سمورن صفحن ۾ اُها تبديلي ظاهر ٿي ويندي آهي.