مخلوط ھموار سطح
مخلوط ھموار سطح(انگريزي: Complex Plane) يا (انگريزي: Argand plane) جنھن جي جاميٽري ۾ نمائندگي زيڊ پلين (انگريزي: z-plane) يا z ذريعي ٿيندي آهي، جاميٽري جي ھڪ اھڙي علامت آهي جيڪا حقيقي ۽ عمودي خيالي مدارن تي قائم مخلوط انگن جي نمائندگي ڪري ٿي. مخلوط ھموار سطح جو خيال مخلوط انگن جي جاميٽري واري تشريح جي اجازت ڏئي ٿو. جوڙ جي حسابن ۾ انھن جي جوڙ ويڪٽرن وانگر ٿيندي آهي. ٻن مخلوط انگن جي ضرب کي قطبي محل وقوع ۾ وڌيڪ آساني سان ظاھر ڪري سگھبو آهي