مخدوم غلام حيدر صديقي

سروري خاندان جي مخدوم غلام حيدر صديقي جي نسب جو سلسلو حضرت ابوبڪر صديق رحه جن سان وڃي ملي ٿو. ھي 1898ع پيدا ٿيو ۽ 1953ع ۾ وفات ڪيائين. سندن فڪر ۽ سمجهه موجب سنڌ جي مسلمانن توڙي ٻين باشندن جي سياسي، معاشي ۽ سماجي پستيءِ جو علاج هن خطي جي ماڻهن جي تعليمي پسماندگي دور ڪرڻ سان ئي ممڪن هو. جڏهن پين ان ڳالهه جو پورو يقين ٿي ويو ته پاڻ پنهنجو سمورو ٿوجهه ۽ توانائي تعليمي ترقيءَ طرف مرڪوز ڪيائون. مخدوم غلام حيدر جي تعليمي سرگرمين جو اهو پس منظر آهي. اهو زمانو آزاديءَ جي تحريڪن جي عروج جو زمانو هو. قيام پاڪستان جو اوائلي دور هو. جڏهن سنه 1940ع ۾ مخدوم غلام حيدر هالا ۾ پرائمري اسڪول کولايو. سنه 1942ع هالا ۾ انگريزي اسڪول کوليائون سنه 1943ع ۾ هن کي هاءِ اسڪول بنائي، ان جو بورڊنگ هائوس ٺهرايائون. سنه 1944ع ۾ هالا هاءِ اسڪول سان ملحقه وڏو مدرسو ۽ جامع مسجد ٺهي راس ٿي. سنه 1945ع ۾ پاڻ ايڊيوڪيشن سوسائٽي هالا رجسٽر ڪارايائون، جنهن جي مدد سان سندن تعليمي سرگرميوم زياده تيز ۽ موثر ٿيڻ لڳيون. شفيع محمد شهنشاج ۽ماستر نارائڻ داس سندن ڪم ڪار ۾ مدد ڪندا رهيا. سنه 1947ع ۾ هالا۾ ڪاليج جي عمارت جي تعمير جو ڪم شروع ٿيو سنه1951ع ۾ ڪاليج جُڙي راس ٿيو ۽ ڪاليج ۾ پڙهائيءَ جو ڪم شروع ٿيوسنه 1951ع جي آخر ۾ سروري ڪاليج جي مسجد ٺهي تيار ٿي. سنه 1948ع ۾ هن ڪاليج لاءِ وسيع ’طالب الموليٰ هاسٽل‘ ٺهي مڪمل ٿي. مخدوم حيدر جي تصنيف ۽ تاليف به خالص ديني خذمت لاءِ هئي سندن تصنيفات ۾ اسلامي تصوف (1932) سوانح عمري حضرت مخدوم نوح (1933) اسوه محمدي (1935) نبوي اخلاق (1935) شامل آهن.[1]ڪيترا ڪتاب پنهنجي خرچ سان ۽ امداد سان ٻين عالمن کان به لکرائي ۽ڇپرائي تقسيم ڪرايائون. صفائيءِ تي تمام گهڻو توجه ڏيندا هئا. سفيد لباس وڻندو هون، سادي وضع، سفيد پڳ، سفيد سونهاري، پيرن ۾ سليپر، سفر ۾ ڪارو ڪوٽ يا ڪاري شيرواني، هٿ ۾ ننڍي تسبيح، هميشه با وضو رهڻ، درود شريف ڪثرت سان پڙهڻ سندن معمول ۾ شامل هو.[2]سندن خذمتون ۽ عظمتون سندن تصنيفات ۽ علم پروريءَ وڏين تاريخ ساز شخصيتن ۽ دانشورن کي پاڻ ڏي متوجهه ڪيو. جن ۾ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، دشمن العماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽو، علام آءِ. آءِ. قاضي، پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، جناب جي-ايم سيد، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، غلام محمد گرامي، مولاناغلام مصطفيٰ قاسمي، مخدوم امير احمد، آخوند عبدالرحمان، ان هالائي ۽ ٻيا ڪيترا عالم ڪهي وٽن حاضر ٿيندا هئا.[3]

حوالا سنواريو

  1. مخدوم غلان حيدر صديقيؒ قريشي هالائي-- ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
  2. مخدوم غلان حيدر صديقيؒ قريشي هالائي-- ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
  3. مخدوم غلان حيدر صديقيؒ قريشي هالائي-- ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ