مخدوم عبدالله جو مدرسو

مخدوم عبدالله ڀٽي، جيسلمير جي هندو راجا جو نوجوان پٽ هو. سندس اصل نالو راجڪمار ارجن پٽ وريو هو. ڪنهن درويش جي صحبت ۾ رهي مسلمان ٿيو. کيس روحاني فيض حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتاني کان حاصل ٿيو. هالن پراڻن (هالا ڪنڊي) ۾ اچي پنهنجي ديني مدرسو کوليائين. جنهن ۾ نه رڳو ظاهري علم جو درس ڏيندو هو، پر باطني علم سان به نوازيندو هو. هالن پراڻن جا مخدوم، هن بزرگ (ارجن عبدالله ڀٽي) جو اولاد آهن ۽ منجهن ڪيترائي وڏا عالم مدرس ۽ فاضل ۽ فقيهه پيدا ٿيا. هن بزرگ ستين صدي هجري جي آخر ۾ هالن پراڻن ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌ جي تاريخ جا وساريل ورق | Indus Asia Online Blog, وقت 2022-09-25 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-19