مخدوم امين محمد ثاني ھالائي

مخدوم امين محمد ثاني ھالائي صاحب، مخدوم محمد زمان ثالث جو فرزند هو. حضرت مخدوم نوح سخي سرور جي اولاد مان سندس درگاھ جو سجاده نشين بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 19 رجب 1256ھ (1840ع) تي ٿي. هو صاحب سھروردي طريقي جو پير ۽ اميراڻي زندگيءَ جو مالڪ هو. سنڌي شاعريءَ ۾ تمام ڪمال حاصل هئس، يعني سنڌي شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ سندس ڪلام موجود آهي. ڏوهيڙا، ڪافيون، غزل وغيره پنهنجا ڪيترائي يادگار ڇڏيا اٿس. هو توحيد جي مسئلي ۾ عام صوفين جي طرز جو تابع آهي. انسانيت جي گهڻين خوبين جو مالڪ هي بزرگ 47 سالن جي ڄمار ۾ 27 رمضان المبارڪ 1303ھ (1885ع) ۾ هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي ويو.[1]

حوالا سنواريو