محمد هاشم ( لهر ڪيٽوي)

سندس پورو نالو محمد هاشم (لهر ڪيٽوي) ولد خميسو خان خاصخيلي آهي .اصل ڳوٺ ڪيٽي بندر اٿس ,جتي پهرين جنوري 1927ع ۾ ڄائو.سندس بنيادي تعليم سنڌي فائنل هئي.شاعريء جي شروعات 1945ع کان ڪيائين.پاڻ پرائمري استاد هو.سندس شاعري علم عروض مطابق پڪي ۽ پختي آهي. پاڻ تمام سادو سودو ۽ يار ويس ماڻهو هو.دل ۾ هزارين درد هوندي لڙڪ لڪائي مسڪرائيندو رهندو هو.سندس شاعريء ۾ استاد حافظ احسن چنا آهي .پاڻ تقريبن 30 سال ٻهارا شهر ۾ به گذاريائين. جمال مراد گبول سان گهڻي طبيعت ٺهندي هيس جيڪو کيس بزم جيلاني,بزم شعراء لاڙ جي مختلف مشاعرن ۾ گڏ وٺي ايندو هو. سندس شاعري عبدالله پنهور,موسي حسين سمون,مولابخش لاسي,عرس چانڊيو,رضا محمد گوندر,حسين ڪارو ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن سندس شاعري ڳائي. 1998ع ۾ وفات ڪيائين .سندس آخري آرام گاه ملير ڪراچي ريڙهي ڳوٺ ۾ آهي .

ڪافي

دنيا ليکي دلبر ٿيا ڌار آهيون,

حقيقت ۾ هڪٻئي سان گڏ يار آهيون.


پرين پيچ پختو پيل آهي پنهنجو,

حياتيء جو سودو ٿيل آهي پنهنجو,

ٻئي هڪٻئي جا خريدار آهيون.


زماني جي گردش جدائي ڪئي آ,

متان سمجهين مون بيوفائي ڪئي آ,

ٻئي ڏوه هڪ ۾ گرفتار آهيون.


آهي امتحان ٻن دلين جو جدائي ,

پري ڪين آهيون هجي شل سچائي,

ٻئي هڪڙي وڻ جا ٽٽل ٽار آهيون.


وسي نور تو ۾ اهو نور مون ۾ ,

سدا "لهر" آهين تون مستور مون ۾,

ٻئي نينهن ناتي ۾ نروار آهيون .