محمد عثمان سومرو

هي صاحب متوءَپوٽي سومرن جي قبيلي مان ميان ابوبڪر سومري جي اولاد مان آهي. ميان ابوبڪر کي ميان احمد خان فرزند ٿيو، جنهن جي فرزند جو نالو وڏيرو خان هو، جنهن کي ان وقت ۾ چڱي شهرت حاصل ٿي. هي زمانو ميرن جي حڪومت جو آّخري وقت هو. سندس دوستي انهيءَ وقت جي مکيه بهادرن، مُلا عبدالرحمان ۽ چاڪر خان جوکئي سان هئي. هن جي به، چاڪر خان وانگر، برفتن سان مخالفت هئي. انهيءَ وقت ڌاري برفت جبل مان هيٺ لهي ڦريون ۽ ڌاڙا هڻڻ ۾ مشهور ٿي ويا هئا. انهن سان مقابلو ڪرڻ معمولي ڳالهه نه هئي، پر هي مرد همت جهليو مقابلو ڪندو آيو. پاڻ موجوده لُڪن جي بنگلي جي ڀر ۾ وَڍَ، نالي سان ڳوٺ ٻڌو هئائين، ٿوري وقت کان پوءِ سندس پويان ان ڳوٺ کي ڇڏي، ٻئي پڊ ڀنڀڏائيءَ تي اچي ويٺا،۽ ڳوٺ ٻڌائون. انهيءَ وقت ۾ دريا جي ٻوڏن، مال جي چاري ۽ آباديءَ جي سهولت خاطر، اڪثر پڊ بدلائڻا پوندا هئا. وڏيري خان سومري کي منٺار نالي فرزند پيدا ٿيو، جنهن جي پٽ تي وري ڏاڏنهنس ”خان“ جو نالو رکيو ويو. ان کي فرزند وڏيرو محمد هاشم ٿيو، جنهن موجوده سومرن جو ڳوٺ ٻڌايو هو. وڏيري محمد هاشم کي ميان محمد نالي فرزند پيدا ٿيو، جنهن کي ٻه فرزند ٿيا: وڏيرو محمد عثمان سومرو ۽ حاجي محمد فاضل سومرو. وڏيرو محمد عثمان 7 فيبروري 1902ع مطابق 28 شوال 1319ھ تي ڄائو هو. سندس تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ ٿي، جڏهن سندس والد آڪٽوبر 1919ع ۾ وفات ڪئي ته، سڀني راڄن گڏجي هن کي پڳ ٻڌائي. هتي جا وڏا اصل وڏا مالدار هئا، جنهن ڪري پڊ بدلائيندا رهندا هئا؛ ليڪن جڏهن هڪ جاءِ تي پڪا ٿي ويٺا ته ڪافي زمينداري ڪيائون. ٺٽي جو شهر تعليم يافته ماڻهن، ديوانن، وڏن زميندارن ۽ سيدن جو مرڪز آهي. هتي جا ماڻهو آسپاس تي ڇانيل پئي رهيا آهن، پر هن نوجوان جي رهوڻيءَ ۽ همت ڪري، سندس اثر ويو وڌندو، جنهن ڪري 1921ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر چونڊجي ويو، ۽ 1925ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر پڻ چونڊيو. 1932ع ۾ تعلقي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ چونڊيو. جڏهن دادو ضلعو جدا ٿيو ته عملداري اثر ڪري، خانبهادر الهه بخش گبول ضلعي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ چونڊيو، ۽ سندس دوستيءَ ۾ رهڻ ڪري، هن کي ڪراچيءَ جي لوڪل بورڊ اسڪول بورڊ جو چيئرمين چونڊايو ويو، جنهن عهدي تي 1936ع تائين رهيو. انهيءَ وچ ۾، ذاتي لياقت ۽ لاڳاپي ڪري، ايترو اثر ۽ رسوخ پيدا ڪري ويو هو، جو سنڌ جدا ٿيڻ بعد 1937ع جي اليڪشن ۾، ٺٽي ڊويزن طرفان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو. 26 آڪٽوبر 1928ع ڌاري، سردار واحد بخش خان ڀٽي جي تحريڪ سان، هڪ ٻانهن، مائي خانزادي ابڙي گم ٿي ويئي هئي ؛ چوڻ ۾ آيو ٿي ته وڏيري محمد عثمان وٽ ڇڏيل هئي، ۽ جيڪا اتي ئي مري ويئي. سرڪار طرفان ميان واحد بخش خان ۽ سندس ساٿين، ۽ ميان محمد عثمان سومري تي ڪيس ٿيو، جنهن مان گهڻيءَ تڪليف ۽ خرچ بعد هي آزاد ٿيا هئا. انهن ڏينهن کان ميان واحد بخش خان ۽ سندس سنگت سان هن جي دوستي ٿي ويئي. واحد بخش خان جي وفات بعد، انهيءَ لحاظ ڪري، هن نبي بخش خان جي مرڪزي اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾ مدد ڪئي هئي.اهو رستو پوءِ به هو قائم رکندو آيو. سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن بعد هي اتحاد پارٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو، ۽ خانبهادر الهه بخش سومري سان سندس دوستاڻا تعلقات ٿي ويا. جڏهن اتحاد پارٽي مخالفت ۾ هئي، ته هي ان سان گڏ هو. خانبهادر الهه بخش وزيراعظم ٿيو ته به هي سندس مددگار هو، ٿوري وقت بعد جڏهن ڍلن وڌڻ جي سوال تان اتحاد پارٽي مخالف ٿي ويئي ته هن دوستيءَ جو لحاظ رکندي، خانبهادر الهه بخش جي مدد قائم رکي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ 1945ع تائين رهندو آيو، تان جو اسلام جي نعري ۽ انگريزن جي مدد سان، چند مسلم ليگي سياستدان سنڌ اسيمبليءَ جي اڪثر جاين تي قبضو ڪري ويا. 1939ع کان 1942ع تائين، پاڻ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو. 1926ع کان 1935ع تائين ٺٽي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو. پوءِ هن اسان سان ”عوامي محاذ“ ۾ شرڪت ڪئي، ۽ 1953ع جي سنڌ اسيمبلي اليڪشن لاءِ اميدوار بيٺو ليڪن ٺٽي شهر جي قديم خاندانن جي مخالفت، سنڌ سرڪار جي وزيرن طرفان مخالفن جي کلم کلا مدد ۽ گهڻي پئسي خرچڻ ڪري، سندس مخالف اميدوار، حاجي صادق علي ميمڻ کيس شڪست ڏيئي ويو. 1942ع ۾، ڳوٺ سليمان سومري ۾، سنڌ جي سومرا قبيلي هن کي سرداريءَ جي پڳ ٻڌائي. پاڻ گهڻو وقت سردريءَ جا فرائض انجام ڏيندو آيو، تيستائين جيستائين حاجي مولابخش جي فرزند احمد ميان سومري، پيءُ جي هوندي پاڻ کي پڳ ٻڌائي، انهيءَ اتحاد کي نه ٽوڙيو. کيس پنج فرزند ٿيا: 1. ميان محد علي خان، 2 . ميان عبدالرحمان خان، 3 . ميان محمد خان، 4. ميان عبدالستار خان، ۽ 5. ميان عبدالرحيم خان.[1]

  1. ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي. ايم. سيد:ايڊيشن: 2004ع.ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.