محمد سومار شيخ
محمد سومار شيخ پهرين جنوري 1935ع ۾ پنهجي اباڻي ڳوٺ ’قرهئي ڀانڊاري‘، سنڌ ۾ ڄائو. محمد سومار والد جو نالو الهه بچايو شيخ هو. قرهيو ڀانڊاري بدين جي ڏکڻ ۾ اٽڪل 55 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سمنڊ جي ڪناري تي هڪ ڳوٺ آهي. محمد سومار شيخ جو والد شيخ الهه بچايو شاعر به هو. هن جو لاڙو صوفياڻي رنگ ڏانهن هو. هو درگاهه پير شيخ قرهيو ڀانڊاري جو مريد هو. شيخ الهه بچائي جي ڪليات، محمد سومار شيخ ’ڪلياب الهه بچايو‘ جي نالي سان ترتيب ڏيئي ڇپائي پڌري ڪئي، تنهن کان سواءِ شيخ الهه بچائي جا ٻه ٻيا ڪتاب ’روحاني ابيات‘ ۽ ’قصو قرهيي ڀانڊاري پير جو‘ پڻ ترتيب ڏيئي محمد سومار شيخ شايع ڪيا.
لکڻ جو شوق
سنواريومحمد سومار شيخ کي شروع کان ئي لکڻ جو جنون هو. پهرين شعر ۽ افساني ڏانهن ڌيان هئس، پر پوءِ ثقافت ۽ تاريخ ڏانهن ڌيان ويس ۽ انهيءَ ميدان ۾ تحقيق جي سلسلي ۾ تمام گهڻو گهميو ۽ ڦريو ۽ پنهنجي تحقيق ۽ تاليف جا جوهر ڏيکاريائين. محمد سومار شيخ پهرين ’ابن الله بچايو‘ جي نالي سان لکندو هو ۽ پوءِ محمد سومار شيخ جي نالي سان لکڻ لڳو. محمد سومار شيخ جي جوانيءَ جو دور سندس ادبي جواني جو دور هو. پاڻ 1952ع کان وٺي پرائمري استاد ٿي رهيو ۽ اهو سڄو عرصو تمام تيز رفتاريءَ سان لکندو رهيو. پنجاهه ۽ سٺ صفحن جا ننڍا ننڍا ڪتاب ته هڪ ئي ڏينهن ۾ لکي وٺندو هو. هو نه رڳو لکڻ ۾ تيز هو. پر بدين ۾ هر ادبي محفل ۾ به ڀرپور حصو وٺندو هو. هڪ ادبي اداري جو بنياد به وڌائين، جيڪو مختلف نالن سان جهڙوڪ لطيف پبليڪيشن،جيلاني پبليڪيشن، بدين پبليڪيشن، ساگر پبليڪيشن سان هلندو آيو. کيس ادب ۽ ڪتابن سان ايترو ته جُنون جي حد تائين لڳاءُ هو، جو کيس 50-100روپيا هٿ لڳندا هئا ته محمد سومار شيخ مسودي سوڌو حيدرآباد جي پريس ۾ هوندو هو. ٽي چار ڏينهن رهي ڪتاب ڇپائي پوءِ بدين ايندو هو ۽ اهڙي طرح پنهنجا پراوا ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايائين. محمد سومار شيخ ادبي زندگي جي ڊوڙ ۾ تمام تيز هو. زندگي جي حقيقي ڊوڙ ۾ به کيس آرام ڪونه هو. محمد سومار شيخ بدين جو هڪ بي سرو سامان اديب هو ۽ ادب جي خفت ۾ گهر ٻاري ڏياري ڪري ڇڏيو.
محمد سومار شيخ 1952ع کان لکڻ شروع ڪيو يعني جڏهن 17-18سالن جي عمر جو هو. سندس لکيل پهريون ڪتاب ”مذهب ڇا آهي؟“ جنهن جا 25 کن صفحا آهن. اهڙي طرح پاڻ پنهنجي وفات تائين اٽڪل 322 ڪتاب لکيائين، جن مان ڪجهه ترتيب ڏنل آهن. نه ته باقي سڀ سندس محنت ۽ تحقيق جو نچوڙ آهن، پر افسوس جو سندس ڇپيل ڪتابن جو تعداد فقط 47 ٿو بيهي ۽ ٻيا سڀ اڃا سندس وارثن ۽ ڪجهه ادارن وٽ اڻ ڇپيل حالت ۾ موجود آهن. محمد سومار شيخ جي ڪيل ڪم کي موضوع وار ورهائجي ته پاڻ قديم آثارن، تاريخ، لوڪ ادب، سوانح، افسانا، شاعري ۽ ثقافت بابت لکيائين. تفصيل جي حساب سان موضوعن کي ڳڻي سگهڻ مشڪل آهي. پاڻ زيورن، نانگن، بلائن، وڻن ٻوٽن، هنرمندن ۽ لاڙ جي ٻي معلومات تي به لکيائين. ٻين شاعرن جي شعر جا مجموعا ايڊٽ ڪيائين ۽ سوانح عمريون پڻ شايع ڪيائين. مرزا قليچ بيگ کانپوءِ محمد سومار شيخ ئي آهي، جنهن گهڻي ۾ گهڻو لکيو آهي. البت قليچ بيگ ۽ شيخ صاحب ۾ اهو فرق ضرور آهي ته قليچ بيگ جي ڪتابن جي اڪثريت ترجمن تي مشتمل آهي، نه ته سنڌ جي هنن ٻنهي اديبن گهڻو ڪري ڪنهن به موضوع کي ڇڏيو ڪونهيءَ ۽ انهن تي لکيو آهي.
محمد سومار شيخ جي ادبي جاکوڙ سندس ڪتابن جي ڇپيل فهرست ”قلم وهي ويو ڪانهن“ (ڀاڱو-1) مان پڌري آهي، جيڪا 1969ع ۾ شايع ٿي. هن فهرست ۾ هرهڪ ڪتاب بابت چند سٽن ۾ ڪيفيت بيان ڪيل ِآهي، جنهن ۾ لکجڻ جو سال ۽ صفحن جو تعداد آهي. سندس ڇپيل پهريون ڪتاب ”آڌي رات“ آهي، جيڪو آر ايڇ احمد حيدرآباد 1955ع ڌاري ڇپايو.
جڏهن 1975ع ۾ بدين ضلعو قائم ٿيو ته محمد سومار شيخ کي اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ سرڪار جي دلچسپي ۽ تعاون سان بدين ۾ پهريون ثقافتي ميلو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. محمد سومار شيخ نه رڳو انهيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، پر پنهنجو ڪتاب ”بدين جي ثقافتي تاريخ“ پڻ لکيو، تنهن کانسواءِ بدين ضلعي تي سندس ٻيا به ڪجهه ڪتاب آهن، جن ۾ ”بدين ضلعي جو مطالعو“ نهايت اهم آهي.
محمد سومار شيخ کي ڪتاب لکڻ ۽ مواد گڏ ڪرڻ جو جُنون جي حد تائين شوق هو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هو جهرجهنگ پيو هلندو هو. هڪ ڀيري ته ڪڇ کان به وڃي نڪتو ۽ شاهه جا بيت هٿ ڪري آيو. 1956ع ۾ ”سر مارئي جا بيت“ به شايع ڪيائين. ڊاڪٽر عمر محمد دائود پوٽي کي سندس اهو ڪم پسند نه آيو. مٿس سخت تنقيد ڪيائين ۽ کيس معمولي ماستر هئڻ جو طعنو پڻ هنيائين، پر شيخ صاحب پنهنجي ڪم ۾ لڳو رهيو. اڄ جيڪڏهن ڊاڪٽر دائود پوٽو جيئرو هجي ها ته ڪر فقير امداد سرائيءَ جا ”املهه اڻ توريا“ شاهه جي نالي ۾ وڏي خرچ سان ڳولهي آندل بيت ڏسي، شيخ صاحب کي ضرور داد ڏي ها، جنهن پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري شاهه تي به چڱو موچارو ڪم ڪيو.
محمد سومار شيخ هڪ غريب استاد هو، پنهنجي ڪمزور مالي حالت سبب پنهنجي لائبريري مان ست مڻ ڪتاب چوڏهن سئو روپين ۾ وڪيائين. رٽائر ڪرڻ کانپوءِ روزگار جي لاءِ بدين ۾ هڪ پريس قائم ڪيائين. ان ۾ سادي ۽ ٽٽل ٽائپ سان ڪتاب ڇاپيندو رهيو، پريس به نيٺ وڪيائين ۽ پوءِ هو هڪ مڪمل ورڪر بڻجي پيو ۽ ثقافت، تاريخ ۽ ادب سان لاڳاپيل هر شيءَ گڏ ڪندو ويو ۽ سندس ذهن ۾ هڪ ميوزم ڪر کڻڻ لڳو. نيٺ ضلع ڪائونسل جي همت افزائي سان هڪ ميوزم قائم ٿيو. ڪيترائي نوادرات اڳ ۾ ئي گڏ ڪيا هئائين ۽ ميونسپل ڪميٽي جي ڏنل هڪ ڪمري کي ميوزم بڻائي سڀ ڪجهه اچي اتي رکيائين ۽ ميوزم کي وڌائڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ لڳو. ٻئي مرحلي ۾ بدين جي نئين شهر ”اگروول“ ۾ ميوزم لاءِ رٿيل عمارت جا ٻه ڪمرا ٺهي مليا ته اهو سامان کڻي انهن ڪمرن ۾ منتقل ڪيائين. هينئر انهيءَ ميوزم جو نالو’محمد سومار شيخ لاڙ ميوزم‘ آهي. محمد سومار شيخ جي ادبي، تحقيقي ۽ ثقافتي ڪم جو هنن ڪجهه صفحن ۾ جائزو وٺڻ ممڪن ڪونهي.البت جنهن کي وڌيڪ ڄاڻڻ جو شوق هجي ته لاڙ ادبي سوسائٽي بدين پاران ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو ڪتاب ”محمد سومار شيخ، هڪ مطالعو“ پڙهي.
==محمد سومار شيخ جا ڇپيل ڪتاب== . (1)آڌي رات (2)هڪ ندي ٻه ڪنارا (3)ڪليات شيخ الله بچايو (4)ڪليات فاروقي (5)تاريخ الشعرا لاڙ (ڀاڱو پهريون) (6)روحاني ابيات (7)گهوگهو چوهاڻ (8)ڇوليون (9)سنڌي آوازن جا تبادلا (10)بوعلي قلندر (11)ڪلام مرکان شيخڻ (12)روپا ماڙي (13)دوها ۽ دونهان (14)ڪلام پير ڀاون علي شاهه ساقي (15)ڄراٽيس ڄيري (16)بيت ورندو (17)پيرو فقير جو ڪلام (18)عبراني (19)شيخ قرهئي ڀانڊاري کي ڳائيندڙ شاعر (20)بدين (21)واهه بديڻا تنهنجا ڀاڳ (22)بدين ضلعي جي اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن کي تحسين (23)منتخب ڪلام رئيس عالم خان نظاماڻي (24)بدين ضلعي جا مشاهير (25)بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ (26)ڪڇين جا قول (27)بدين ضلعي جو مطالعو (28)لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا (29)سنڌ جا زيور (30)بدين ضلعي جو تعارف (31)بدين ثقافتي ميلي جي ڪهاڻي (32)سنڌ جون سورميون (33)شفا بخش پاڻي (34)ٽيڙو اُڀا ٽي (35)اڻ مٽ نقش (36) مسٽر جاجي (37)ڪلام جڙيل عباسي (38)ڪلام الله بچايو شيخ (39)پيرشاهه قادري (40)ماهه ذوالحج (41) مناجات ساقي (42)شاهه جا گم ٿيل بيت-مارئي (43)شاهه جا گم ٿيل بيت-ست سُر (44)پارس (45)برجا باکا جو گرامر (هي ڪتاب مهراڻ رسالي ۾ ڇپيو) (46)کپرو چور (47)پرڏيهين ڏانهن پيغام. مٿين ڇپيل ڪتابن کانسواءِ شيخ صاحب جي ڪجهه اڻ ڇپيل ڪتابن جي فهرست هن ريت آهي: (1)منهنجو افسانو (آتم ڪهاڻي 26جلد) (2)حسينيت (3)سانوڻ فقير (4)مولى جا متوالا (5)سلمان فارسي (6)رحمت اللعالمين (7)قديم هنر (8)1947ع جا چند نظارا (9)بدين جي قديم ياد (10) تاريخ لاڙ (11)ريلوي جا فقير (12)سنڌ جي ادبي تاريخ (جلدن ۾) (13)سنڌي اور پراڪرت (اردو) (14)سنڌ جون قديم قومون (15)مصري نامون (16)سنڌي ٻولي 5 هزار ورهيه اڳ (17)منهنجو ڳوٺ (18)لاڙ جون نيم تاريخي ڪهاڻيون (19)لاڙ جا لوڪ گيت (20)گل گامش سومرو (21) لاڙ ۾ مالڪاڻي ميرن جو پهريون تخت گاهه ۽ ڪيٽيون (22)سنڌي ۽ سنسڪرت (23)هنري لغت (24)سنڌي ۽ اردو (25)شاهه جو رسالو (ڇند وديا موجب ترتيب ڏنل-ٽي جلد) (26)لاڙ جا ماڳ ۽ ماڻهو (27)سنڌ ۾ ڄم ۽ موت جو چند رسمون (28)لاڙ جي چورن جون ڳالهيون (2-ڀاڱا) (29) لاڙ جي پيرن فقيرن جون ڳالهيون (3-ڀاڱا) (30)منهنجا لکيل خط (2-ڀاڱا) (31) بديڻ ضلعي جا اسلامي مبلغ(32) نورنگ زادن جون علمي ۽ ادبي خدمتون (33)سنڌي ٻاهريان شاعر (34)لاڙ جا لوڪ گيت (35)سنڌ جا نانگ (36)لاڙ جا قديم آثار-وغيره. آخر ۾ هتي هڪ ڳالهه لکڻ بنهه ضروري آهي ته محمد سومار شيخ جو سمن سرڪار تي تيار ڪيل ڪتاب ”سيد سمن شاهه“ تي سندس ئي هڪ ساٿي در محمد ڪمال پنهنجو نالو لڳايو، انهي کانسواءِ ڪتاب ”پارس“ جو ترجمو ڪيائين، جيڪو عبدالمجيد جوڻيجي جي نالي سان ڇپيو. ڇاڪاڻ ته ڇپائي جو خرچ هن ڀريو هو. (ڏسو عبدالجبار جوڻيجي جو ڪتاب: محمد سومار شيخ: مطالعو)
لاڏاڻو
سنواريوسنڌ جي هن سڄاڻ ۽ لاڙ جي ورثي جي وارث، جگر جي بيماري سبب 24 آڪٽوبر 1986ع تي 51 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. [1] [2]
حوالا
سنواريو- ↑ زير ترميم: محمد سومار شيخ - وڪيپيڊيا
- ↑ ڪتاب: : هڪ سئو سنڌي اديب، ليکڪ: يوسف سنڌي