محمد سليمان ٻنوي

مولانا محمد سليمان ولد محمد هارون ذات جو شورو هو. سندس اصل ڳوٺ دُکا پليجا لڳ قادر ڏنو شاهه هو. جتي مولانا صاحب سن 1840ع ۾ پيدا ٿيو. مولانا صاحب شروعاتي تعليم ديهه ٽڪي ۾ حافظ مولوي محمد يعقوب پليجي کان ورتي. ان بعد پنهنجي ڪٽنب سان گڏ اچي درياهه ڪناري ٻني شهر ۾ آباد ٿيو. جنهنڪري مولانا سليمان ٻنوي مشهور ٿيو. مولانا ٻنوي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مشهور علمي ادبي درسگاهه ٺٽي ويو. اتي مخدوم مولانا عبدالرحيم وٽ تعليم ورتائين. پوءِ به سندس علم جي اڃ نه اُجھاڻي ته پاٽ (دادو ضلعي) ۾ ويو. ان وقت سندس عمر 22 سال هئي. اتي هن مولانا مخدوم حسن الله کان فارسي ۽ ٻيا ڪتاب پڙهيائين، پوءِ مخدوم صاحب کان موڪلائي مخدوم خير محمد جي مدرسي ۾ آيو. جتي مولانا ٻنوي پورا ست سال رهيو.[1]

خدمتون سنواريو

مولانا ٻنوي ديندار، تقويٰ ۽ توڪل جو صاحب هو. هن پنهنجن مائٽن سان گڏجي ”مدرسة المظهر العلوم“ جو بنياد رکيو. جتي ٻه سال مدرسي جو ڪم وڏي اوج تي هلايائين. ديني فيصلا ڪرڻ ۽ ماڻهن کي مذهب سان محبت ڪرڻ ۽ سمجھائڻ لاءِ مولانا ٻنوي صاحب لاڙ پرڳڻي جي عالمن جي هڪ انجمن قائم ڪئي. جنهن جو نالو ”انجمن معلم الشرح“ رکيو ويو. ان انجمن جو مقصد هو ته اهڙا عالم چونڊيا وڃن، جيڪي باصلاحيت، ماهر ۽ محنتي هجن. مولانا ٻنويءَ سان گڏ تحريڪِ خلافت ۾ ڪيترن عالمن، شاگردن ۽ سماجي ڪارڪنن حصو ورتو، جن ۾ مولانا علي محمد مهيري، مولانا حاجي احمد ملاح، مولانا محمد صادق کڏي وارو ۽ ٻيا شامل هئا. مولانا ٻنوي تحريڪ ۽ تعليم کان سواءِ شاعري به ڪندو هو. سندس ڪيترا مولود ۽ مداحون اڄ به ماڻهن کي ياد آهن. پر افسوس جو سندس مواد ڇپيل نه آهي. مولوي صاحب پنهنجي باقي حياتيءَ جا ڏينهن پنهنجي ڪکن ۾ گذاريا.[1]

وفات سنواريو

سندس وفات 8 اپريل 1941ع ۾ ٿي.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ. سال:2012ع