ڊاڪٽر حميدالله (19 فيبروري 1908ع - 17 ڊسمبر 2002ع) هڪ هندستاني اسلامي اسڪالر هو. هن اسلامي سائنس، تاريخ ۽ ثقافت تي درجن ئي ڪتابون ۽ سوين مضمون لکيا.

ڊاڪٽر محمد حميدالله
Dr. Muhammad Hamidullah
محمد حمیداللہ
ذاتي معلومات
پيدائش 19 فيبروري، 1908ع
وفات 17 ڊسمبر 2002 (عمر 94 سال)
مذھب اسلام
قوميت حيدرآبادي
قوميت رياست حيدرآباد
دور جديد دور
فرقو سني اسلام
اسڪول شافعي
دلچسپي اسلامي قانون، عالمي قانون، قرآن جي تفسير ۽ علم حديث
نمايان خيال اسلامي ۽ ٻين الاقوامي قانون جو ارتقاء
مادر علمي * جامعه نظاميه، حيدرآباد ڏکڻ
  • عثمانيه يونيورسٽي، حيدرآباد ڏکڻ
  • بون يونيورسٽي، جرمني
  • سوربون يونيورسٽي، فرانس
نمايان استاد
Teacher * مناظر احسن گيلاني
  • ابو الوفا افغاني[1]

ابتدائي زندگي ۽ تعليم

سنواريو

حميدالله، حيدرآباد رياست جي گاديءَ واري شهر حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو، (هاڻي حيدرآباد، تلنگانا، انڊيا) ٽن ڀائرن ۽ پنجن ڀينرن ۾ سڀ کان ننڍو هو. سندس ڏاڏو ۽ پرڏاڏو ٻئي اسلامي عالم هئا، جن قرآن جي تفسيرون لکيا.

حميدالله جو والد مفتي ابو محمد خليل الله اسلامي فقه جو عالم هو ۽ رياست حيدرآباد جي نظام حڪومت ۾ روينيو جو ڊائريڪٽر هو ۽ حيدرآباد ۾ سود کان پاڪ بئنڪنگ سسٽم قائم ڪرڻ جو علمبردار هو.

حميدالله مدرسه نظاميه مان مولوي ڪامل جي ڊگري حاصل ڪئي، ان بعد عثمانيه يونيورسٽي مان بين الاقوامي قانون ۾ بي.اي.، ايل.ايل.بي. ۽ ايم.اي. ڪئي. ان کان پوءِ جرمني ويو ۽ کيس سال 1932ع ۾ بون يونيورسٽيءَ کان ڊي.فل. جي ڊگري حاصل ڪئي. بون يونيورسٽي جي فئڪلٽيءَ ۾ عربي ۽ اردوءَ ۾ ٿوري وقت لاءِ ليڪچرار جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيڻ کان پوءِ، هن فرانس جي سوربون يونيورسٽيءَ ۾ ٻي ڊاڪٽريٽ لاءِ رجسٽر ٿيو. يونيورسٽي طرفان 11 مهينن کان پوء، کيس ڊي.لٽ. جي ڊگري ڏني وئي. هن 1936ع کان 1946ع تائين عثمانيه يونيورسٽي ۾ بين الاقوامي قانون جو درس ڏنو.

ڪيريئر

سنواريو

سال 1948ع ۾ حميدالله کي گڏيل قومن ۾ رياست حيدرآباد جو نمائندو مقرر ڪيو ويو. سال 1948ع ۾ حيدرآباد جي هندستان سان زبردستي الحاق کان پوءِ حميدالله پاڪستان ۽ هندستان ٻين جي شهريت رد ڪري ڇڏي. فرانسيسي حڪومت پاران حيدرآباد جي پناهگير جي حيثيت ۾، پيرس ۾ جلاوطني ۾ رهندو هو.

حميدالله 1954ع کان فرانس جي نيشنل سينٽر فار سائنٽيفڪ ريسرچ ۾ ريسرچ فيلو رهيو، جيستائين سال 1978ع ۾ ريٽائر ڪيائين. ان دوران هن ترڪي جي يونيورسٽين ۾ باقاعده ليڪچر پڻ ڏنا.

هو حديث جي تحقيق، قرآن مجيد جو ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ ۽ فرانسيسي ۾ پيغمبر محمد صلي الله عليه وسلم جي سوانح عمري لاءِ مشهور آهي.

حميدالله کي 1985ع ۾ حڪومت پاڪستان طرفان هلال امتياز ايوارڊ مليو، هن ايوارڊ جي انعامي رقم اسلام آباد ۾ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي اسلامڪ ريسرچ اڪيڊمي کي عطيو ڪئي.

ادبي ڪم

سنواريو

ڊاڪٽر حميدالله انگريزي، فرينچ، جرمن، عربي ۽ اردوءَ ۾ 100 کان وڌيڪ ڪتاب تصنيف ڪيا ۽ اسلام جي مختلف پهلوئن ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن تي اٽڪل 1000 علمي مقالا ۽ مضمون لکيا، ڊاڪٽر حميدالله جي قابل ذڪر اشاعتن ۾ شامل آهن:

  • رياست جو اسلامي ضابطه اخلاق: سيرت جو هڪ جائزو (سيرت) عام تعارف (1941ع، 1953ع)
  • دنيا ۾ پهريون لکيل آئين (1941ع، 1975ع ۽ 1986ع)
  • قانون جي تضاد جو اسلامي تصور (1945ع)
  • اسلام جو تعارف (1957ع کان پوءِ انگريزيءَ کان علاوه ڪيترن ئي ٻولين ۾)
  • محمد بن اسحاق، رسول الله صلي الله عليه وسلم جو هڪ سوانح نگار (پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي) (1967ع)
  • محمد رسول الله: اسلام جي باني جي زندگي ۽ ڪم جو هڪ جامع سروي (1979ع)
  • اسلام: هڪ عام تصوير (1980ع)
  • اسلام، فلسفو ۽ سائنس: چار عوامي ليڪچر يونيسڪو جي پاران جون، 1980ع م آرگنائيزڊ ٿيل. (ايڊيٽر) (1981ع)
  • روزو ڇو؟: اسلام ۾ روزي جو روحاني ۽ عارضي مطالعو (سينٽر ڪلچرل اسلامڪ پيرس سيريز) (1982ع)
  • پيغمبر اسلام جو رياست جو قيام ۽ ان جي جانشيني (1988ع)
  • پيغمبر اسلام: هجرت جو پيغمبر (1989)
  • نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي جنگن جا ميدان (1992ع)
  • اسلام جو ظهور (1993ع)
  • مختصر ۾ اسلام (1996ع)
  • پيغمبر اسلام جي زندگي ۽ ڪم (1998ع)
  • پيغمبر هڪ رياست قائم ڪيو (1986ع)

سال 1996ع ۾ حميدالله آمريڪا جي رياست، فلوريڊا جي شهر، جيڪسن ويل ۾ لڏي ويو. هن 17 ڊسمبر 2002ع تي وفات ڪئي.

پڻ ڏسو

سنواريو

خارجي لنڪس

سنواريو

سانچو:Shafi'i scholars

  1. Hamidullah, Muhammad. "Islami Qanoon Bain al-Mamalik". Khutbaat-e-Bahawalpur. Hafzi Book De[pot, Deoband. p. 138.