ڊاڪٽر محبوب علي شيخ (انگريزي ٻولي: Dr.Mehboob Shaikh)(جنم:جولاءِ 21 ، 1946)، سنڌ جو تعليمدان، ليکڪ، دانشور ۽ سماجي اصلاح پسند (سوشل ريفارمر) آهي. هن جا مخلتف اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون چپيا آهن. سندس ٻه سفرناما “ميهڙ کان ماسڪو”[1] ۽ “ترڪيءَ ۾ چار مسافر” ڇپجي چڪا آهن[2] [3] [4][5].

محبوب علي شيخ، ڊاڪٽر
پيدائش محبوب علي
جولاءِ 21، 1946
ميهڙ تعلقو، ضعلو دادو
پيشو پروفيسر، ليکڪ ۽ تعليم دان
جيون ساٿي 1
ٻار ٻچا 5

شروعاتي زندگي ۽ تعليم سنواريو

محبوب علي شيخ 21 جولاءِ 1946ع تي ميهڙ تعلقو، ضعلو دادو، سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “ٻٽ سرائي” ۾ هڪ ديندار ۽ تعليم يافته گهراڻي ۾ حاجي شمس الدين جي گهر ۾ جنم ورتو.[5] محبوب شيخ جو ڏاڏو انگريزن جي ڏينهن ۾ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ “ٿرڙي محبت” جي اسڪول جو هيڊماستر هو.[5] محبوب شيخ پنهنجي پرائمري تعليم جو پهريون سال بدين ضلعي جي ٽنڊوباگو ڳوٺ جي اسڪول کان شروع ڪيو. انهن ڏينهن ۾ هن جي والد صاحب جي ٽنڊوباگو ۾ نوڪري هئي، ان ڪري هو پنهنجي ڳوٺ ٻٽ سرائيءَ کان ٽنڊو باگو اچي رهيا هئا. ان بعد هن پرائمريءَ جا ڪجهه سال پنهنجي ڳوٺ به اچي پڙهيو. 1956ع ۾ هن لاڙڪاڻي ضلعي جي گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي.[5] سندس والد جي سکر بدلي ٿيڻ تي محبوب عليءَ کي لاڙڪاڻي جو اسڪول ڇڏي سکر جي اسڪول ۾ سال کن پڙهڻو پيو ۽ سال بعد سندس والد کي جڏهن گڊو بيراج ڪشمور تي رکيو ويو ته محبوب شيخ کي سکر جو اسڪول ڇڏي ڪشمور جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺڻي پئي. 1964ع ۾ انٽر ڪرڻ بعد محبوب شيخ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. [5] محبوب شيخ سنڌ يونيورسٽيءَ مان باٽنيءَ ۾ ڊگري حاصل ڪئي.[5] مارچ 1979ع تي محبوب شيخ جي حڪومت طرفان پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ منظور ٿي ۽ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڪوبان اسٽيٽ يونيورسٽي ڪراس نادار ۾ چار سال گذاريا.[5] سندس پي ايڇ ڊي جو مقالو ”سنڌ جي ڪجهه ٻوٽن جو ڪوهه ڪاف ۾ پيدا ٿيندڙ ساڳين ٻوٽن سان تقابلي جائزو“ هيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائي وارن ڏينهن ۾ 4 مارچ 1967ع تي، يوسف لغاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هلايل تحريڪ دوران گرفتاري به ٿيو. هو 297 شاگردن سان گڏ سينٽرل جيل پهتو.[5] ڊاڪٽر محبوب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ماسٽرس ڪرڻ دوران 14 مارچ 1968ع تي شادي ڪئي. کيس ٽي پٽ عبدالقادر، اعجاز ۽ يوسف ۽ ٻه ڌيئون: ثريا ۽ شائسته آهن.[5]

نوڪريون سنواريو

هي مختلف تعليمي ادارن جو سربراهه پڻ رهيو آهي. جده، سعودي عرب جي پاڪستان انٽرنيشنل اسڪول ۾ ڊاڪٽر محبوب علي شيخ جو نئون پرنسپال ٿيو.[5] اسڪول جي پنجاهه سالن جي تاريخ ۾ هي پهريون سنڌي هيو جنهن کي هن اسڪول جو پرنسپال بڻايو ويو. جڏهن کان (1959ع ۾) هي اسڪول ٺهيو، اڄ ڏينهن تائين ڊاڪٽر محبوب شيخ پهريون سنڌي پرنسپال ٿي رهيو.[5] سعودي عرب ۾ جدي جي هن اسڪول ۾ اڄ جيڪو سنڌي سيڪشن محبوب شيخ شروع ڪرايو ۽ پهرئين سال ۾ ئي 300 شاگردن داخلا ورتي هئي.[5] هي 1967 ۾ شڪارپور جي سي اينڊ ايس (چيلا سنگهه سيتل داس) ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، 1973 ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو، جتان 1979 ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ روس ويو. روس کان واپسي تي 1984 ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڏوڪري ۾ پرنسپال مقرر ٿيو. چئن سالن کانپوءِ ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچي ۾ وائيس پرنسپال ٿي آيو.[5] 1989 ۾ جدهه سعودي عرب جي پاڪستان انٽرنيشنل اسڪول ۾ پرنسپال ٿي ويو. [5] جتان واپسي ۾1991 ۾ آدمجي سائنس ڪاليج ۾ وائس پرنسپال ٿيو. 1993 ۾ ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ جو باني پرنسپال (پراجيڪٽ ڊاريڪٽر) ٿيو. جتي ساڍا چار سال رهي عائشا باواني ڪاليج ۾ شموليت اختيار ڪيائين.[5] 1998 ۾ کيس لاڙڪاڻو بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو.[5] ساڍن ٽن سالن کانپوءِ بيورو آف ڪريڪيولم ڄامشورو جو ڊاريڪٽر ٿيو.[6][5] 2003 ۾ ڊائريڪٽر جنرل پائيٽ نواب شاهه ٿي آيو، جتان بدلي ٿي سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم ٿيو. ان دوران کيس ڪجهه وقت جي لاءِ تعليم کاتي جي سيڪريٽري جي به چارج رهي. 2006 ۾ بورڊ آف ايجوڪيشن سکر ۾ جو چيئرمين ٿيو، جتي ساڍا چار سال رهڻ کانپوءِ بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري ۾ ٽن سالن لاءِ فائونڊر رجسٽرار مقرر ٿيو.[5] آخرڪار اپريل 1969 کان شروع ٿيل سندس ڪيريئر جو سفر اچي 2014 ۾ پورو ٿيو.

سماجي خدمتون سنواريو

ڊاڪٽر محبوب شيخ روٽري ڪلب ڪراچي (سنڌ ويلي) جو صدر. سنڌ ويزن جو سيڪريٽري جنرل ۽ صدر آھي.[7] [5][8] هو آرٽس ڪائونسل ۽ سگا جو لائيف ميمبر پڻ آھي.[5] هن ڪيترن ئي ملڪن جي ياترا ڪئي آهي جن ۾ روس، برطانيا، سعودي عرب، امريڪا، ڪئناڊا، فن لينڊ، جرمني، اٽلي، پولينڊ، چيڪوسلاويڪيا، مصر، ترڪي، بحرين ۽ سوئيڊن شامل آهن.

حوالا سنواريو

  1. "ميھڙ کان ماسڪو - ڊاڪٽر محبوب شيخ | سنڌسلامت ڪتاب گهر". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-03-31. 
  2. "ڊاڪٽر محبوب شيخ جا ڪِتاب". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-03-31. 
  3. "ترڪيءَ ۾ چار مسافر - ڊاڪٽر محبوب شيخ | سنڌسلامت ڪتاب گهر". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-03-31. 
  4. Dr. Mehboob Shaikh (2010) (Sindhi ۾). ترڪيءَ ۾ چار مسافر (سفرنامو). Popat Publishing House. http://archive.org/details/san2020-175. 
  5. 5.00 5.01 5.02 5.03 5.04 5.05 5.06 5.07 5.08 5.09 5.10 5.11 5.12 5.13 5.14 5.15 5.16 5.17 5.18 5.19 "انتساب: سنڌ جي تعليمدان ۽ برک اديب ڊاڪٽر محبوب شيخ نالي - دنيا رنگ رنگيلي (الطاف شيخ)". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-03-31. 
  6. "بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ سنڌ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-03-31. 
  7. "Introduction – The Sindh Vision". حاصل ڪيل 2022-03-31. 
  8. "Sindhi Intellectuals Express Concern Over Method Of Upcoming Census| Daily Outcome". حاصل ڪيل 2022-03-31.