محاڪات (Imagery) ڪنهن شيءَ يا ڪنهن حالت جي جيئري جاڳندي نقشي کي جنهن کان انهيءَ شيءِ يا انهيءَ حالت جي تصوير اکين اڳيان ڦري وڃي، تنهن کي محاڪات چوندا آهن. شاعر پنهنجي محاڪات جي قوت سان پنهنجن خيالن ۽ مشاهدن جو فوٽو ڪڍي ٿو. جهڙي طرح هڪڙي مصور کي تصوير ڪڍڻ جي لاءِ جدا جدا شين جي ضرورت پوندي آهي، تهڙيءَ طرح شاعر کي محاڪات يا عڪسيت بہ جي لاءِ تشبيھ ۽ تمثيل جي ضرورت ٿيندي آهي، پر فرق اهو آهي جو مصور رڳو محسوس شين کي پنهنجي رنگ ۽ روغن سان چمڪائي ٿو سگهي ۽ شاعر پنهنجي محاڪات سان غير محسوس شين کي پڻ ڏيکاري سگهي ٿو.[1]

حوالاسنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.