مثلث (Musalis) عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، ”ٽن مصرعن وارو شعر“. يعني اهو نظم، جنهن جو هر هڪ بند ٽن مصرعن تي مشتمل هوندو آهي ۽ اهي مصرعون پاڻ ۾ هم وزن هونديون آهن، اهڙيءَ طرح مثلث جا سڀ بند ساڳئي وزن ۾ هوندا آهن، جن مان اڪثر پهريون بند سڄو هم قافيه هوندو آهي ۽ باقي بندن مان هر هڪ بند جون پهريون ٻه مصرعون پاڻ ۾ هم قافيه ٿينديون آهن ۽ ٽين مصرع جو قافيو وري پهرئين بند جي قافيي جهڙو هوندوآهي. ڪي نظم اهڙا به ملن ٿا، جن ۾ مثلث جي هر هڪ بند جون ٽئي مصرعون پاڻ م هم قافيه رکيون ويون آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.