مثاليت پسندي (بين الاقوامي تعلقات)


مثاليت پسندي جو نظريو: ٿيوري آف آئيڊيل ازم (Theory of Idealism): اھو بين الاقوامي تعلقات ۾ خارجہ پاليسي سان لاڳاپيل ھڪ نظريو آھي. ھن نظريي جا پوئلڳ رياستن وچ ۾ ٽڪر جو حل بين الاقوامي قانونن ۽ عالمي ادارن جي ذريعي ڪڍڻ چاھيندا آھن. مثاليت پسندي مسئلن جو حل قانوني ۽ اخلاقي طريقي سان ڪڍڻ چاھيندي آهي ۽ جنگ کي گناھ وانگر تصور ڪندي طاقت جي استعمال ، جارحاڻين ۽ خطرناڪ پاليسي جي مخالفت ڪندي آھي. مثاليت پسندي مطابق ڪوبہ رويو اھڙو ناھي جيڪو بدلجي نہ سگھي چاھي اھو ڪنھن فرد جو ھجي يا رياست جو . نفرتون دائمي نہ ھونديون آھن.ھن نظريي جا حامي ايڇ. ڊي. سينٽ سائمن، وليم لارڊ رچرڊ ڪابڊين، مھاتما گانڌي، وڊرو ولسن، برٽرينڊرسل آھن.

بين الاقوامي آئيڊيل ازم جي پرچار ڪندڙ ووڊرو ولسن جو وائيٽ هائوس ۾ لڳل سرڪاري پورٽريٽ