متيرو
متيرو:(انگريزي: Mitero ) ھن کي چپڙ به چوندا آھن. هي تمام ننڍڙو ٿيندو آهي. ڪڙو به ٿيندو آهي ۽ مٺو به ٿيندو آهي. مٺا چڀڙ ماڻهو ڪچا به کائيندا آهن. اڪثر ڀاڄيءَ وانگي ٻوڙ ۾ وجهندا آهن. بعضي اڌ ڪري سڪائي ڪچريون ڪري رکندا آهن، پوءِ ٻيا ٻوڙ ۾ وجهندا آهن. هي گهڻو ڪري پوکڻ کان سواءِ ٻنين ۾ پاڻهي ٿيندا آهن. اهي سڀ سانوڻ ۾ پوکبا آهن ۽ سياري ۾ کائبا آهن..[1]م متيرا ٻنين ۾ پوکبا آهن. گدرن کان ننڍا چڀڙن کان وڏا، ٿلهيرا، چوٽو ۽ پُڇڙي وٽ ٿيندي آهي.[2]. ڪچا ڪم ڪو نه اچن. پچڻ بعد ماڻهو کائين، ننڍا ٻار شوق ڪري کائين، ڀاڄيءَ جي ڪم اچن. ڪي ماڻهو مٿين کل لاهي، وچان وڍ ڏيئي سنهو لوڻ ٻرڪي کائيندا آهن ته ڏاڍا لذيذ پيا لڳندا آهن. هنن کي آڏا ٻوٽي (ڪپي) سڪائيندا آهن، جنهن کي ”ڏوچلا“ چون، جن جي ڀاڄي به ڪن ۽ ڪچا به کائين[2].
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ 2.0 2.1 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو