ما بعد الطبعياتي شاعري

مابعد الطبعياتي شاعريءَ (Metaphysical Poetry) جي اهم خوبي اها هوندي آهي ته اها جذبات کان وڌيڪ فڪر جي ترجماني ڪندي آهي ۽ دل کان وڌيڪ دماغ کي اپيل ڪندي آهي. اها شاعري، جيڪا روحاني ۽ فلسفاڻن موضوعن تي مبني هجي. انگريزيءَ ۾ ان کي ميٽا فزيڪل شاعري چيو ويندو آهي.اها شاعري جيڪا مابعد الطبعيات موضوع تي مبني هجي ۽ زندگي جي حقيقت ۽ اهميت کي اجاگر ڪري. انگريزي شاعريءَ ۾ جان ڊن (1572-1631ع) جي شاعريءَ لاءِ ميٽا فزيڪل شاعريءَ جو اصطلاح استعمال ڪيو ويو هو.[1]

مابعد الطبعياتي شاعريءَ جي اهم خوبي اها هوندي آهي تہ اها جذبات کان وڌيڪ فڪر جي ترجماني ڪندي آهي ۽ دل کان وڌيڪ دماغ کي اپيل ڪندي آهي. اها شاعري، جيڪا روحاني ۽ فلسفاڻن موضوعن تي مبني هجي. انگريزيءَ ۾ ان کي ميٽا فزيڪل شاعري چيو ويندو آهي.اها شاعري جيڪا مابعد الطبعيات موضوع تي مبني هجي ۽ زندگي جي حقيقت ۽ اهميت کي اجاگر ڪري. انگريزي شاعريءَ ۾ جان ڊن (1572-1631ع) جي شاعريءَ لاءِ ميٽا فزيڪل شاعريءَ جو اصطلاح استعمال ڪيو ويو هو.[2]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.

حوالا سنواريو