ماھه بيگم(انگريزي: Maha Begum)سنڌ ۾ ارغون ۽ ترخانگھراڻن جي ھڪ عورت جو نالو آهي. ترخان نامو لکي ٿو تہ :ماهه بيگم مرزا قاسم ڪڪوھ جي ڏھوٽي ھئي. محمد مقيم جيڪو شاھ بيگ ارغون جو ڀاءُ هو ۽ بابر بادشاھ جي لشڪر سان قنڌار ۾ هو ۽ بادشاهه سندس شادي مرزا قاسم جي ڌيء سان ڪرائي جنھن مان کيس ھڪ ڌيءُ ماھه بيگم تولد ٿي. ان کانپوءِ ماهه بيگم ڪابل مان نڪري قنڌار ۾ آئي، جتي پنھنجي سڳي سؤٽ مرزا شاهه حسن ساڻس نڪاح ڪيو. مرزا شاھ حسن بيگ ارغون جي وفات کانپوءِ مرزا جي لاش کي مڪه معظمہ تدفين ڪرڻ لاءِ کڻي وڃي زيارت حرمين شريفين کان پڻ شرفياب ٿي ۽ پوءِ ٺٽي واپس آئي. تڏهن اُن مرزا عيسيٰ ترخان سان نڪاح ڪيو. ناھيد بيگم ان جي ڌيء ھئي جنھن جي ڌيء رائحہ جي شادي مرزا باقي خان ترخان سان ٿي[1].ھيء پنھنجي دؤر جي وڏي سياسي اثر رسوخ رکندڙ عورت ھئي. ھن جي ئي مدد سان بکر جي حاڪم ۽ مرزا عيسي خان ترخان وچ م جنگ دوران صلح ٿي. ھن جي ئي مدد سان مرزا باقي خان ٺٽي جو مرزا عيسي خان ترخان بعد حاڪم ٿيو . ھن مرزا باقي خان ترخان سان جنگ پڻ ڪئي پر کيس شڪست ائي ۽ گرفتار ٿي وئي سندس موت اسيري ۾ ٿيو.

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب جو نالو ؛ ترخان نامو مولف: سيد مير محمد بن جلال ٺٽوي؛مرتب: سيد حسام الدين راشدي؛ مترجم: ميرزا عباس علي بيگ ڇاپو؛ پهريون 1994ع ٻيو 2005ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو