ماھتاب محبوب سنڌي ادب جي ليکڪا, ڪھاڻيڪاره آهي.[1] ھوء ھڪئي وقت ڪھاڻيڪاره,خاڪا نويس,سفرناما نويس‚مضمون نگار ۽ ناول نگار پڻ آهي.

سوانح عمري سنواريو

ماھتاب محبوب 14 جولاء 1950ع تي ڪراچي ۾ جنم ورتو. حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ مهتاب محبوب جو تعلق ڪلهوڙي پير جي خاندان سان هو.[2] سندس والد ميان سرفراز ڪلهوڙي جو سجاده نشين هو.[2]ابتدائي تعليم ”سينٽ ميريز ڪانوينٽ“ ۽ ”مدرست البنات“ مان حاصل ڪرڻ کان پوء گورنميٽ گرلز ڪاليج حيدرآباد مان گريجويشن ڪيائين.[حوالو گهربل]

ادبي سفر سنواريو

ماھتاب محبوب پنهنجي ادبي سفر جي شروعات ٻالڪپڻي ۾ ٻاراڻي ادب سان ۽ پوء ڪھاڻين جي ترجمي سان ڪئي. پھريان ھوء ماھتاب منور جي نالي سان لکندي ھئي.پر محبوب شيخ سان شادي ٿيڻ کان پوء ھوء ”ماھتاب محبوب“ جي نالي سان لکندي رھي آهي.ماھتاب محبوب جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آھن جن ۾ : ”چاندي جون تارون[1][3][2] “(ڪھاڻيون)”پره کان پھريان“(ڪھاڻيون)[3] ”مٺي مراد“ (ڪھاڻيون)[3] [4] [2]”لھر لھر زندگي“(ڪھاڻيون)[3] [5] [1]”پلصراط“ (اردو ترجمي سان چونڊ ڪھاڻيون[3] [6]”چاندي جون تارون[3] ۽ پره کان پھريان“(گڏيل مجموعو ڪھاڻيون)[3] ”اندر جنين اڃ“ (ھند جو سفرنامو)[3][7] ”سرھي سرھي سار“(ھند جو سفرنامو) ”راھون چنڊ ستارا“(فار ايسٽ ۽ ٿائي لينڊ جو سفرنامو) ”ورھاڳي جو ورجاء“(مضمون ۽ ڪالم وغيره) ”خواب خوشبو ڇوڪري“(ناول)[8][2] ”پيار پناھون ڇانورا“(ناول)[9] ”جيء جھروڪا“(خاڪا) ”جيء جھروڪا“(ھندي ۾ ڇپيل) ”سوچون سمنڊ سامان“(يادگيريون خاڪا) شامل آھن.[حوالو گهربل] مڃتائون:ادبي خدمتن جي حوالي سان ماھتاب محبوب کي ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.[حوالو گهربل] جن ۾ قابل ڊڪر اعزار ”رائيٽر گلڊ ايوارڊ“[حوالو گهربل] ”سنڌ لينگويج اٿارٽي ايوارڊ“[حوالو گهربل] ”اڪيڊمي ادبيات ايوارڊ“[حوالو گهربل] ”سوجھرو لائيف اچيومينٽ ايوارڊ“[حوالو گهربل] نئين زندگي ايوارڊ“[حوالو گهربل] انڊيا ۾ ”رام پنجواڻي ايوارڊ“ ۽ ڪئي ٻيا ايوارڊ شامل آهن.[حوالو گهربل]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2022-03-31. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 Sindhu, Amar. "COLUMN: Mahtab Mehboob: the first lady of Sindhi short story". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2022-03-31. 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 3.6 3.7 OpenLibrary.org. "Mahtab Mehboob". Open Library (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-03-31. 
  4. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-03-10. 
  5. "سنڌي عورتن جي لکڻين ۾ ٻوليءَ جو استعمال : جائزو | Usage of Sindhi language in writings of female authors – A review". journal.sindhila.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-03-10. 
  6. Pul ṣirāt̤ : kahāniyon̲ kā majmūʻah (1985). پل صراط : کہانىوں کا مجموعہ. OCLC 22983812. https://www.worldcat.org/title/pul-sirat-kahaniyon-ka-majmuah/oclc/22983812. 
  7. "SindhSalamat". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2019-05-03. 
  8. Pathan, Dr. "خواب خوشبو ڇوڪري". www.drpathan.com. حاصل ڪيل 2022-03-31. 
  9. "سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2019-05-03.