مان نه“ ( رومن سنڌيءَ ۾: maan na ) (انگريزي: ” not me“) هڪ اصطلاح آهي. جنهن جو مطلب آهي ٻين تي ڪم ۽ ڏوهه وجهڻ. مثال طور: اسان جي معاشري ۾ گهڻائي مسئلا ۽ خرابيون آهن. جڏهن انهن ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي، ڪنهن معاملي يا مسئلي ڏانهن ٿورو به اشارو ٿو ڪجي ته هر ڪو ٿو چوي ”مان نه“ يعني قبضاگيري؟ مان نه. بدعنواني ۽ رشوت خوري؟ مان نه. امتحانن ۾ ڪاپي ڪلچر؟ مان نه. داداگيري؟ مان نه. ڀتي خوري؟ مان نه. ڦرلٽ؟ مان نه. يعني مان ته عظمت جو مينار آهيان، باقي سڄو سماج بڇڙو، بديانت ۽ ڪميڻو آهي. فلاڻو سياستدان؟ ڪرپٽ ۽ ڪميڻو. عوام؟ جاهل. فلاڻو؟ فلاڻو ته آهي ئي چريم سلفائيڊ، ڪاربن آڪسائيڊ. يا معاشري جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ڪو ڪم ڪرڻو هجي ته ”مان نه“ ڀلي ٻيا ڪن. مطلب ته هر صورت ۽ هر حالت ۾ ڪم ۽ ڏوهه ٻين تي وجهڻو آهي ۽ ٻين تي هر وقت ۽ هر حالت ۾ لعنت ڦٽڪار وجهندي، سندن ٻناٻوڙ ڪرڻي آهي، پر پاڻ خبط عظمت جو شڪار ٿي، پنهنجو پاڻ کي نرگسيت جو لبادو پهرائي، هر وقت سکڻيون کڳيو هڻي، پاڻ کي هر حالت ۾ اُتم ۽ اعليٰ ثابت ڪرڻو آهي!

اسان جي معاشري ۾ هاڻي ڪامريڊ عزيز ڀنگوار جهڙا سچا انسان تمام ٿورا بچيا آهن، جيڪي پنهنجي ڪيل غلطين کي مڃي پاڻ ۾ سُڌارا آڻيندا هئا. عزيز ڀنگوار جيئي سنڌ جو هڪ کرو اڳواڻ ڪارڪن هو، جنهن پنهنجي ڪيل غلطين کي لکت ۾ مڃندي، ”مان ڏوهي هان” کي ڪتابي شڪل ۾ ڇپائي، پنهنجو پاڻ کي سڀني آڏو تنقيد لاءِ پيش ڪيو هو.