مالِهاري سنڌ ۾ ٿر جي علائقن ۾ ملندڙ ھڪ پکي جو نالو آهي. هي پکي صبح ۽ شام جو ٿڌي وقت ۾ وڻن تي ويٺل ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ٿري ماڻهو مسافريءَ تي وڃڻ وقت يا ٻين ڪمن ڪارين تي نڪرڻ وقت هن جي ويهڻ ۽ ٻولڻ مان سَوَڻ ويچاريندا آهن. سنڌ ۾ هن کي مالهالو چوندا آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب جو نالو: تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون)، مصنف: رائچند هريجن، ايڊيشن: ٽيون، سال: 2005ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.