ماديت پسندي
ماديت پسندي (Materialism) روحاني قدرن جي ڀيٽ ۾ مادي شين کي ترجيح ڏيڻ . دنيا جي مسئلن ۽ شين ۾ ايترو ته گهرائي ۾هليو وڃڻ، جو روحانيت وارين شين کان پري ٿي وڃجي. ماديت پسند گهڻو ڪري اهڙين شين جي وجود کان به انڪار ڪندا آهن، جن کي جسماني وجود نہ هجي.[1]ول ڊيورنٽ لکي ٿو تہ: ماديت اهڙي فلاسافي آهي جنهن کي انهن ذهنن قبول ڪيو، جن فطرت کان مٿاهن اعتقادن کي رد ڪري ڇڏيو. انڪري هي دنيا جي باري ۾ پهريون تصور آهي جيڪو ڪنهن اهڙي قوم ۾ اُڀري ٿو، جنهن ۾ سرڪاري مذهبي عقيدا ختم ٿيڻ وارا هوندا آهن. سقراط کان اڳ وارن مفڪرن کي، بيڪن ۽ فٽشي انهن فلاسافرن کان وڌيڪ سمجهندا هئا جن جو مقام هنن کانپوءِ اچڻ وارن فلاسافرن کان مٿاهون هو ۽ جيڪي ماده پرست هئا. ٿيلس، اناڪسي مينڊر Anaximander ۽ اناڪسي مينس Anaximenes ڪائنات جي تشريح ڪئي تہ اها پاڻي، باهه ۽ هوا مان پيدا ٿي آهي. ليوسي پس Leucippus ۽ ڊيموڪريٽس Democritus ماديت کي ايٽمن جي شڪل ڏني جنهن جي ڪري قدامت پرست تيستائين مطمئن رهيا جيستائين جديد طبعيات ۾ ڪيميا، ائٽم کي ڀڃي ذرن ۾ نہ ورهايو. انهن سادين فلاسافين کي ڪيترن سالن تائين زينو جي شڪ پسندي ۽ اناڪسي گورس Anaxagoras جي دوئي وارن نظرين سان گڏ پنهنجو پاڻ کي قائم رکيو. تنهن کان پوءِ سقراط خارجي دنيا کان منهن ڦيريو ۽ خوديءَ کي ڳولهي ڪڍيو جيڪا مادي کان ايتري ته مختلف هئي جو سقراط ان کي موت کان مٿاهون سمجهيو، افلاطون مادي کي ڪجهه نه چيو ۽ ٻين سڀني ذهن کي احترام لائق شين کان وڌيڪ احترام سان ڏٺو. هن خارجي دنيا کي ذهن جا تصور ۽ ان جي جوڙجڪ ۽ عمل کي Idea جي اثر هيٺ سمجهيو ۽ ڪائنات هن کي ڪنهن تخليقي روح جي سوچيل ڪائنات جو نقل لڳي. حياتيات جي ماهر ارسطو کي دنيا بدلجندڙ ۽ پتوڙيندڙ لڳي، جنهن کي هو ائٽمن ۽ خال ۾ بدلائي نه سگهيو. هن لاءِ دنيا جي اصليت روح آهي. هر مادي ۾ فعاليت آهي جيڪا تيستائين مطمئن نٿي ٿئي جيستائين ان جي تڪميل نٿي ٿئي. هر هيئت اعليٰ درجي جو مادو آهي ۽ هر حقيقت ۾ ترقيءَ جو جوهر موجود آهي. جنهن کي ماديت پوريءَ طرح بيان ڪري نٿي سگهي. سو سالن ۾ ماڻهن ڊيموڪريٽس کي وساري ڇڏيو. ايپي ڪيورس هن جو اوتار ۽ انتقام هو. هڪ لحاظ کان هو پلانڪ، بوهر ۽ ڪيوريز جو پيشرو هو. هن ائٽم ۾ آزادي ۽ غير يقينيت کي ڏٺو ۽ ان کي تخريب ۽ فنا جي علامت سمجهيائين. سڀ شيون آزاد هيون ۽ سڀني کي ختم ٿيڻو هو. ليوڪريٽس Lucretius جيڪو زندگيءَ کان بيزار هوندو هو ان جو ٻڌو ته هر شيءِ مرندي ته هن کي ڏاڍي خوشي ٿي. هن کي اها ڳالهه سٺي پر ڏکوئيندڙ لڳي ته شاعر به ائٽم جا ٺهيل آهن ۽ هر شيءِ ۽ هر ائٽم ختم ٿي ويندو ۽ سڀني کي زندگيءَ جي ڏکن کان نجات ملندي.[2] پوءِ مسيحيت آئي ۽ پندرنهن سو سالن تائين فلاسافيءَ ۾ مادي جي اهميت ختم ٿي وئي. شروع وارن ڪن مسيحي مدرسن لاءِ روح هڪ اعليٰ قسم جو گيس هو، پر گهڻي ڀاڱي مادو زوال ماڻيندڙ فرشتو هو۔ فلاسافيءَ جو شيطان هو ۽ روح جي آزمائش جو قيدخانو هو. عجيب ڳالھ آهي تہ اڪئناس Aquinas جي فلاسافي ۾ مادي کي اعليٰ رتبو مليو. مادي کي قوت جي لحاظ کان وقت جيترو قديم سمجهيو ويو ۽ اهو ”انفراديت جو اصول“ بڻجي ويو. پنهنجي محدوديت ۽ هيئت جي وسيلي وحدت ڪثرت ۾ بدلجي وئي ۽ روح جي سمنڊ کي ننڍن ننڍن نالن ۾ ورهائي انهن کي غيرفاني روح سڏيو ويو.[2]
بهرحال ڊي ڪارٽ جي زماني ۾ مادي جي حقيقت کي مڃيو ويو. پر اها حقيقت آهي ته فرانس جي ان مفڪر مادي کي واحد حقيقت نہ مڃيو ۽ پنهنجي فلاسافيءَ ۾ خودي ۽ فڪر جي شروعات ڪري هن تصور پرستيءَ جا دروازا کولي ڇڏيا. اهي ٻئي اڳتي هلي مادي جا زبردست دشمن ثابت ٿيا. هن خارجي دنيا کي ميڪانڪي مڃيو ۽ هن لاءِ اعليٰ ترين جانور به مشين هو. ماڻهوءَ جي روح کانسواءِ هر شيءِ طبعيات جي اصولن جي پابند هئي. ايستائين جو هاضمو، ساهه کڻڻ، جسم جي پاڻياٺ ۽ ٻار جو ڄمڻ سڀني ميڪانڪيت جي عظمت جو اعلان ٿي ڪيو. ڊي ڪارٽ جي سخت فلاسافيءَ جي ڪري ماديت کي هڪ نئين جواني ملي.[2] جديد فلاسافي ٻن وڏين تحريڪن جو مجموعو آهي ۽ هيگل جي لفظن ۾ ”ٻن متضاد تصورن جو مرڪب آهي“، پهرين فلاسافي خارجي دنيا کان شروع ٿي ٿئي. جنهن ۾ مادو، طبعيات، مڪينڪس ۽ حساب شامل آهن. هيءَ فلاسافي ڪائنات جي فطرت کان مٿاهين تشريح جي خلاف احتجاج جي نمائندگي ٿي ڪري، ان شخص جي اندر جي احتجاج جهڙي، جيڪو خودفريبين کان آجو ٿي ويو هجي. اها ڪائنات جي مشاهدي مان حقيقت جا اصول ٺاهيندي آهي ۽ پوءِ انهن قانونن مطابق ذهن جي تشريح ڪندي آهي. ان جا لازمي نتيجا ماديت، ميڪانڪيت، جبريت ۽ عمليت هوندا آهن. اها فلاسفي ان ڳالهه تي فخر ڪندي آهي ته اها مادي کان شعور تائين پڄي نٿي سگهي، هن جا سورما گليلو، ڊي ڪارٽ، هابس، نيوٽن، ڊيڊرا، هال باخ، لاميٽري، هائيڪل، اسپينسر، رسل ۽ ويسٽن آهن، ان جي برابر ۽ ان جي مخالف تحريڪ شعور کان شروع ٿئي ٿي پر شعور کان مادي تائين نٿي پڄي، ان جي شروعات داخلي دنيا ۾ يقين سان ٿي ٿئي. هن جو واسطو ذهن، نفسيات، علم جي فلسفي ۽ اخلاق جي فلسفي سان آهي. هيءَ فلاسافي مادي نظريه حيات جي خلاف احتجاج جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ سڀ شيءِ کي احساس ۽ خيال سمجهندي آهي ۽ مادي کي ذهن جي ڪيفيت کان وڌ نه سمجهندي آهي، هن جا لازمي نتيجا آهن. روحانيت، تصور پرستي، قوت ۽ ارادي جي آزادي ان جا سورما آهن. ڊي ڪارٽ، برڪلي، فٽشي، هيگل، شوپنهار، نٽشي، برگسان ۽ وليم جيمس، اهي متضاد فلاسافيون پاڻ ۾ نر ۽ ماديءَ وارو اختلاف رکن ٿيون. اهي تڏهن فائديمند ٿينديون جڏهن انهن جا اختلاف ختم ٿيندا.
پهرين تحريڪ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي فلاسافيءَ واري فڪر تي حاوي رهي. اسپينوزا ان تحريڪ کان پاسيرو رهيو ۽ ڪنڊ ۾ ويهي ان مسئلي کي منهن ڏيندو رهيو. هن دنيا کي وحدة الوجود جو حل ڏنو، هن جي خيال ۾ مادو ۽ ذهن حقيقت جا داخلي ۽ خارجي رُخَ آهن، هرهڪ شيءِ ۾ ڪنهن نه ڪنهن نموني زندگي موجزن آهي. يورپ ان تي اعتبار نه ڪيو، ان جي ابتڙ هابس حقيقت کي مادي ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ هر ان لفظ ۽ محاوري کي بي معنيٰ چيو جنهن سان مادي حالت جو اظهار نٿي ٿيو۔ گيسينڊي وڏي نيازمنديءَ سان ڊي ڪارٽ جي ورثي واري ان تصور تي ته مادو ۽ ذهن هڪ ٻئي کان مختلف آهن، اعتراض ڪيا ۽ اعلان ڪيو ته فلاسافي ڊيموڪريٽس کان اڳتي نه وڌي آهي. نيوٽن وڏي خلوص سان پنهنجي دينداريءَ جو اعلان ڪيو ۽ خروج جون عجيب ۽ غريب تفسيرون ڪيون ساڳئي وقت هن خارجي دنيا جو حرڪت جي قانون جي روشنيءَ ۾ اهڙو صاف ۽ ترتيب وارو تجزيو ڪيو جو سندس تجزيو جڏهن فرانس پهتو ته اتان جي منطق پسندن کي ان نتيجي تي پڄڻو پيو ته اهي قانون صوف جي ڪرڻ کان وٺي ڪنهن ڇوڪريءَ جي عبادت ڪرڻ جي عمل تي حاوي آهن. لاميٽري La Mattrie وڏي بي باڪيءَ سان ”ماڻهو مشين آهي“ ڪتاب لکيو ۽ ٻڌايو ته ڪيئن مختلف جسماني حالتون جيئن جوش يا بيماري، ماڻهوءَ جي ذهن تي اثر ڪن ٿيون ۽ ان جي جسماني ساخت جو پتو ڏين ٿيون. هولباغ ماڻهوءَ ۽ مادي کي منطق جي سخت نظام ۾ آندو. هيليٽيس اخلاق ۾ نيڪيءَ کي مادي قانون ۾ آندو. ڊڊرو کي پڪ نه هئي ته فلسفي جو علم شعور جي تشريح ڪري سگهي ٿو. هو اسپينوزا جي پيروي ۾ چوڻ تي مجبور ٿيو ته مادو ۽ ذهن هڪ آهن پر هن ان وقت تائين پاڻ کي ماده پرست چوڻ جو قسم کنيو جيستائين دنيا جي هر بادشاهه ۽ هر پادريءَ کي ڦاهي نه ٿي ڏني وڃي.[2] ماديت ۽ اشتراڪيت ٻئي ڀائر آهن، هڪ باغي ۽ ٿڙيل نوجوانن جو جبر ۽ رجعت پسند جي منهن ۾ لهرائيندڙ جهنڊو آهي ۽ ٻيو پڪي وهيءَ جي انهن ماڻهن جو جهنڊو آهي جيڪي وڏي سڪون سان ان کي لهرائن ٿا ۽ پوءِ اهو سوچي ان کي ويڙهي ٿا ڇڏن ته هيءَ سندن ذهني بلوغت جي عمر آهي جنهن ۾ نوڙت ۽ نرمي پيدا ٿيندي آهي ۽ هو هن دنيا جي غير دانشمنديءَ وارن مسئلن کي محسوس ڪندا آهن.[2]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
- ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون؛ ليکڪ: وِل ڊيورانٽ؛ سنڌيڪار: آغا سليم، ايڊيشن: 2016ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.