ماحولياتي سياست

ماحولياتي سياست يا انوايورنمينٽل پاليٽڪس (انگريزي ٻولي: Environmental Politics)، سياست ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ ماحوليات واري رخ يا پاسي جي هڪ اهم عالمي معاملي، ۽ محرڪ طور اڀرڻ سبب ان جو بين الاقوامي معاملن تي گهرو اثر پيو آهي. انهيءَ ڪري هي موضوع هڪ ڌار شعبي طور نمايان ٿيو آهي. جنهن ۾ خاص ڪري ماحول سان لاڳاپيل نظرين ۽ متن جو اڀياس ۽ سياسي جماعتن توڙي سماجي طور اِن موضوع ۾ دلچسپي وٺندڙ گروهن جو جائزو ورتو وڃي ٿو. انهن سڀني ڌرين لاءِ ضروري آهي ته اُهي ڪنهن به فورم تي پاليسي جوڙڻ دوران، عوامي ڀلي جو خيال رکڻ وارن معاملن کي اهميت ڏين ۽ وايو منڊل کي انساني صحت مطابق رکڻ لاءِ تجويزون ڏين. ماحولياتي سياست عام طور تي چئن رُخن ۾ اڀياس ڪرڻ تي زور ڏئي ٿي.

  • 1.ماحولياتي تحريڪن ۽ پارٽين جو جائزو وٺڻ.
  • 2. عوامي سطح تي پاليسيون جوڙڻ دوران ماحولياتي معاملن جي اهميت معلوم ڪرڻ.
  • 3. ماحوليات جي باري ٿيل عملي ڪم بابت ويچارڻ.
  • 4. بين الاقوامي ماحولياتي مامرن کي دُنيا جي سياست ۾ چٽو ۽ اهم ڪرڻ. ماحولياتي سياست عالمي لاڳاپن ۾ فطري ماحول جي بقا ۽ انسان دوست سماج جي اڏاوت لاءِ جاکوڙڻ تي زور ڏئي ٿي.[1]

حوالا سنواريو