ماتا ترپتا

پهرئين سک گرو، نانڪ ديو جي ماءٌ

ماتا ترپتا سک مت جي پهرئين گرو، باني ۽ گرو نانڪ جي ماءُ هئي، جنهن گرونانڪ کي 15 اپريل 1469ع تي لاهور کان 40 ڪلوميٽر پَري شيخوپوره جي هڪ ڳوٺ رائي ڀوئي دي ۾ جنم ڏنو هيو. ان جڳهہ جو نالو پوءِ ننڪانا صاحب رکيو ويو آهي. هوءَ هڪ هندو خاندان منجهان پيدا ٿي هئي، پر جڏهن سچ گرو (نانڪ) کي الهام لٿو (انڪشاف ٿيو) تہ هيءَ سک بڻجي وئي.[1] ڳوٺ جو نالو گرو کي ڀيٽا ڏيڻ جي لاءِ نانڪانا صاحب نالو ڏانهن تبديل ڪيو ويو. گرو نانڪ ديو جو پيءُ مهتا ڪالو هو. هن جي هڪ وڏي ڀيڻ هئي جنهن جو نالو بيبي نانڪي هيو.

ماتا ترپتا
جيون ساٿي مهتا ڪالو
ٻار ٻچا گرو نانڪ, بيبي نانڪي

اهڙِي ريت، اهو ڪيينڊا جي سريري ميموريل اسپتال ۾ فيملي برٿنگ يونٽ جو نالو پڻ آهي

ماتا ترپتا ۽ سندس مهتا ڪالو پنجاب جي علائقي تالونڊي ۾ رهندا هيا، جيڪو هاڻي پاڪستان جو حصو آهي.ٿڪجي پيل سنت ۽ 'فقير' اتي آرام ڪندا هيا، ۽ ماتا ترپتا انهن سمورن راهگيرن کي آڌرڀاءٌ (ڀليڪار) ڪندي هئي ۽ انهن جي خدمت ڪندي هئي.

ٻين جي خدمت جي لاءِ سندس جاکوڙ جي نيٺ کيس بدلو مليو جڏهن کيس نانڪ 1469 ۾ پيدا ٿيو.

مهربان، ذميدار ۽ پيار پاٻوهہ واري ماتا سنواريو

ماتا ترپتا هڪ مهربان ناري هئي. نوجوان نانڪ هڪ ملنسار طبيعت جو هيو، تنهنڪري، ان جا ڪيترائي دوست هيا. هو انهن سان گڏ اڪثر سٺو سلوڪ ڪرڻ پسند ڪندو هيو. هم زباني تاريخ جي روايت منجهان پروڙ ملي ٿي تہ ماتا ترپتا پنهنجي ساٿين تي خرچ ڪرڻ جي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن کيس ٻہ سڪا پڻ سلپ ڪري ڏيندي هئي. هو گهڻي ريت پنهنجي پٽ کي پنهنجي ساٿين سان گڏ ورهائڻ جي لاءِ مٺائيون پڻ ٺاهي ڏيندي هئي. هيءَ پنهنجي پٽ سان بي حد پيار ڪندي هئي، پر روايت ۽ رسم ۽ رواج کي ڌتڪارڻ سندس مڙس مهتا ڪالو جي لاءِ مستقل اذيت جو باعث هيو.[2]

گرو نانڪ جي پنهنجي تلوندي کان پنهنجي سفر تان واپسي تي، ماتا ترپتا ڄاڻي پئي ته آخرڪار سندس وقت پورو ٿيو، تنهنڪري هن کيس چيو ته هو اتي ئي کيس سان گڏ رهي. جڌهن گرو نانڪ پنهنجي نعمتن کي حاصل ڪرڻ لاءَ پنهنجي ماءٌ جي پيرن کي هٿ لاتو، ته هن کيس آخري ڀيرو محبت سان پنهنجي سيني سان لاتو. اهو سال 1522 هيو ته هوءَ هي جهان ڇڏي پلوڪ پڌاري وئي. گرو نانڪ پنهنجي ماءُ جون آخري رسمون پاڻ ڪيون ۽ سڀني کي هدايت ڪئي ته هو ڪنهن به رسمن جي ڪا ضرورت ناهي، ۽ هر ڪنهن کي خدا جي نالي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ پنهنجي حڪم کي قبول ڪيو وڃي، جيئن ته زندگي جي لاءِ مراقبت ۽ عبادت صرف هن لاءِ واحد صورت ۽ انعام آهي.[3]

حوالا سنواريو

  1. "Sikhism's Origins: The Life of Guru Nanak". religionfacts.com. حاصل ڪيل 24 December 2014. 
  2. User, Super. "Mata Tripta Ji - Great Sikh Women". Gateway to Sikhism Foundation. حاصل ڪيل 2020-03-29. 
  3. "Mata Tripta - SikhiWiki, free Sikh encyclopedia.". www.sikhiwiki.org. حاصل ڪيل 2020-03-29. 

سانچو:سک مت