مابلي (1709ع-1785ع) فرانس جو ھڪ پادري ھيو پر سياست ۾ دلچسپي رکندڙ ھيو.اسپارٽا جي لائي ڪرگس کي پنھنجو ھيرو سمجھندڙ ھي شخص روسو کان ٽي سال وڏو هو. جيتوڻيڪ اڄ ٿورا ماڻهو مابلي جي نالي کان واقف آهن، پر ارڙهين صدي ۾ سندس مقبوليت ۽ شهرت جو اندازو ان ڳالهه مان ڪري سگهجي ٿو ته هن جي لکڻين جا چوويهه جلد چئن ايڊيشنن ۾ ڇپيا ۽ هٿو هٿ وڪامي ويا. پروفيسر اليگزينڊر گري (جيڪو سوشلسٽ تحريڪ جو سخت مخالف آهي) به اعتراف ڪيو آهي ته ”ان زماني ۾ هر ماڻهو موبلي کي پڙهندو ۽ هن جي لکڻين جو حوالو ڏيندو هو.“ موسيوزا لڳ ڀڳ سَو سال پوءِ گواهي ڏني ته ”پيرس ۾ ڪتاب جي دڪانن تان سڀ کان وڌيڪ وڪرو مابلي جي ڪتابن جو ٿيندو هو.“ (ص 86)[1]

مابلي جا فلسفياڻا خيال

سنواريو

مابلي وٽ انساني برابري قدرتي قانون جو ئي هڪ پهلو آهي. ”قدرت اسان کي اڻڳڻ طريقن سان چوي ٿي ته توهان سڀ منهنجا آهيو ۽ مان توهان سڀني سان هڪ جيترو پيار ڪيان ٿي. سڄي ڌرتي توهان مان هر هڪ جو ورثو آهي، جنهن وقت اوهان منهنجي چيچ ڇڏي ان وقت توهان سڀ برابر هئا.“ اسان جون (بنيادي) ضرورتون هڪ جهڙيون آهن ۽ برابري جو سڀ کان وڏو ثبوت اهو ئي آهي. قدرت هر ماڻهوءَ کي آزاد ۽ برابر ڪري پيدا ڪيو آهي. قدرت نه بادشاهه پيدا ڪيا ۽ نه حاڪم، نه آقا نه غلام، نه امير نه غريب.[1]جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايئين چوي ته طبعي حالتن جي ڪري انسانن جي وچ ۾ فرق پيدا ٿي پوي ٿو، ته مابلي ان جي جواب ۾ چوي ٿو ته قدرتي صلاحيتون سڀني ماڻهن ۾ لڳ ڀڳ برابر هونديون آهن. هي جيڪو اسان کي فرق نظر اچي ٿو، اهو حقيقت ۾ تعليم، تربيت ۽ رهڻيءَ ڪهڻيءَ جي فرق جو نتيجو آهي. جيڪڏهن سڀني ماڻهن کي هڪ جيتريون سهولتون حاصل هجن ۽ انهن جي زندگي جو معيار سٺو هجي ته سندن خداداد صلاحيتون هڪ جيتريون چمڪڻ لڳن.[1]مابلي جي خيال ۾ سماج جي سڀني براين جي پاڙ ذاتي ملڪيت ئي آهي. بدديانتي، رشوت، چوري، ٻين جي مال متاع تي غاصباڻو قبضو، ٻين جي پورهيي مان ناجائز فائدو وٺڻ انهن سڀني جي ذاتي ملڪيت جي هوس آهي، تان جو جنگيون به ان ڪري ٿين ٿيون. قدرت ذاتي ملڪيت جي اصول کي نه ٿي ڪري، پر ذاتي ملڪيت هڪ سماجي روايت آهي.[1]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2019-11-11 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. (ڪتاب: موسیٰ کان مارڪس تائين ؛ ليکڪ: سبط حسن)