مائي الهه وسائي انگريزي (Mai Allah Wassai) (جنم:1928ع-- وفات: 29 اپيرل 2003ع) سنڌ پاڪستان جي وڏي مشهور ۽ ڄاتل سڃاتل سنڌي لوڪ ۽ ڪلاسيڪي ڳائڻي هئي جنهن گائڪي جي پنهنجي منفرد انداز ۽ آواز جي ذريعي سنڌ ۾ وڏي مڃتا ماڻي امر بڻجي وئي.[1][2][3]

مائي الهه وسائي
انگريزي ٻولي: Mai Allah Wassai
پيدائش 1928
سجاول سنڌ
وفات 29 اپريل 2003 (aged 75)
سجاول
پيشو ڳائڻي
سَرگَرمُ سالَ 1928–2003
اعزاز شاھ عبداللطيف ڀٽائي اوارڊ 2003, ستاره امتياز اوارڊ 2007

زندگي جو احوال سنواريو

مائي الهه وسائي برطانوي هندستان ۾ سجاول تعلقو، ٺٽو ضلعو (موجوده سجاول ضلعو) جي ڳوٺ محمد شاھ ڍڍڙ ۾ 1928ع ۾ خمُون مير بحر جي گهر ۾ جنم ورتو.هوءَ سنڌ جي مشهور ڳائڻي جيوڻي ٻائيءَ جي ساهيڙي ۽ همعصر هئي. تڏهن ڪلامن جي رڪارڊنگ گراموفون تي ٿيندي هئي ۽ جيوڻي ٻائي، مائي الهه وسائي، ماسٽر چندر، خان بلوچ'سونا خان بلوچ موسيقيءَ جي دنيا جا وڏا نالا هئا.[4] خمُون مير بحر نڙ ساز جوڙڻ ۽ وڄائڻ جو ماهر هو. مائي الهه وسائي 12 سالن جي ڄمار ۾ راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي ۽ 20 سالن جي ڄمار ۾ باقاعده ڳائڻ شروع ڪيو.[5] مائي الهه وسائي گائڪي جي سکيا استاد حاجي ماڙيچو ۽ استاد فدا حُسين کان ورتي. هن ڍولڪ نواز استاد خميسو چانڊيو سان شادي ڪئي. اٽڪل 300 ڪلام ڳايائين جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين مقبول ٿيا. مائي الهه وسائي آخر ۾ گلي جي ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي پئي.[1]

مڃتا سنواريو

مائي الهه وسائي سنڌ جي هر شهر ۾ ڳائڻ لاءِ ويندي هئي. سندس ڳاتل ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پاڪستان ٽيليويزن نيٽ ورڪ ڪراچي سينٽر تان نشر ٿيا.[6] انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران 1999ع ۾ سندس آواز ۾ ڪيسيٽ رڪارڊ ڪري جاري ڪئي وئي.[7] کيس وفات کانپوءِ مڃتا طور حُڪومت پاڪستان 23 مارچ 2007ع تي تمغهء امتياز سان نوازيو ويو.[8] مائي الهه وسائي کي شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جي موقعي تي منعقد ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ استاد بخاري جي ڪلام “پيار درياھ آ درياھ به لٽجي ٿو وڃي” [5]ڳائڻ تي ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران شاھ لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو.[9]

وفات سنواريو

مائي الهه وسائي گلي جي ڪيسر جي بهاني 29 اپريل 2003ع ۾ فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي.

حوالا سنواريو