سانچو:خانہ معلومات موسیقار/عربیعالمي شھرت رکندڙ آمريڪي ڳائڻو مائيڪل جيڪسن 29 آگسٽ 1958ع تي آمريڪي رياست انڊيانا ۾ پيدا ٿيو. مائيڪل، جيڪو پاپ جو بادشاھ طور سڃاتو وڃي ٿو، هڪ آمريڪي موسيقار ۽ ڳائڻو هو. موسيقي لاءِ سندس شوق کيس اوائلي عمر ۾ ئي اسٽار ٿيڻ ڏانهن وٺي ويو ۽ ھو آمريڪي تاريخ جو ڪامياب ترين موسيقار بڻجي ويو. سندس موسيقي، ناچ ۽ عوامي زندگي کيس چئن ڏهاڪن تائين مقبول ثقافت جي مرڪز تي رکيو.

.

هن جي اعزازن ۾ گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ هڪ کان وڌيڪ داخلائون، تيرهن گريمي ايوارڊ، 13 نمبر ون گانا ۽ 750 ملين البم ڪاپين جو وڪرو شامل آهن.

ڪيريئر جي شروعات

سنواريو

مائيڪل جيڪسن 1964ع ۾ پنھنجي ڀائرن جي پاپ گروپ جيڪسن فائيو ۾ شامل ٿيو ۽ شروعات ۾ گروپ ۾ طنبورو ۽ بونگو وڄائيندو آھي. تنھن هوندي بہ، ھو جلدئي گروپ جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو ۽ مکيہ ڳائڻي جا فرض سنڀاليا.

گليڊي نائيٽ ۽ بوبي ٽيلر جھڙن گلوڪارن جيڪسن فائيو کي رڪارڊ ليبل ڪمپني سان متعارف ڪرايو، رڪارڊ ليبل موٽائون جي هيڊ، ۽ جيڪسن فائيو جي پھرين رليز ڊيٽرائيٽ ليبل سان، ’آءِ وانٽ يو بيڪ‘، 1969ع ۾ ميوزڪ چارٽ تي ٽاپ تي رهيو. مائيڪل ان وقت فقط يارنهن سالن جو هو. ايندڙ ڇھن سالن ۾، گروپ ABC، The Love You Save and I'll Be there جھڙا مشھور نغما ٺاھيا.