مائونٽ ٽارس جي مهم

مائونٽ ٽارس جي مهم وقت سڪندر اعظم (Alexander the Great) سخت بيمار ٿي ۽ سندس بچڻ جي اميد ڪانه رهي. کيس هروقت تمام گهڻو بخار هوندو هو. سڪندر يوناني جي طبيب جيڪو سندس ننڍپڻ جو دوست به هو، تنهن هڪ اهڙي دوا تيار ڪئي، جيڪا ان بيماريءَ جو يڪ ٽڪ علاج هئي. سڪندر يوناني اها دوا پيئڻ وارو هو ته ان وقت کيس ڪنهن همدرد جو لکيل خط مليو. هُو دوا پيئڻ کان اڳ ۾ اهو خط پڙهڻ لڳو. خط ۾ لکيل هو ته سڪندر اها دوا نه پيئي، ڇاڪاڻ ته سندس طبيب ايران جي بادشاهه کان رشوت وٺي کيس زهر ڏيڻ جي سازش تيار ڪئي آهي ۽ ان دوا ۾ زهر مليل آهي. سڪندر اعظم خط پڙهي ٿورو مُرڪيو ۽ ان کانپوءِ دوا پي ڇڏيائين. ان کان پوءِ هُن اهو خط پنهنجي طبيب کي پڙهڻ لاءِ ڏنو. جڏهن طبيب خط پڙهي ورتو ته سڪندر اعظم کيس چيو “مون کي هڪ پل لاءِ به تو تي شڪ نه ٿيو ۽ نه ئي آئون دوستن تي شڪ ڪندو آهيان.” ان دوا پيئڻ جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سڪندر اعظم بلڪل صحتياب ٿي ويو. [1] [2]

  1. تخليق خالق کانسواءِ؟ (عمر عطيلا ايرگي / مظفر بخاري) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-17 
  2. ڪتاب: تخليق خالق کانسواءِ، ليکڪ: عمر عطيلا ايرگي