لَڪش لالواڻي ڀارتي نوجوان اداڪار آهي. هن جو جنم 19 اپريل 1996ع تي دهلي، انڊيا ۾ ٿيو. هن کي پهرين شهريت هندستاني ٽي وي چينل ايم ٽي وي MTV جي پروگرام ايم ٽي ويز وارير هاءِ Warrior High مان ملي. جنهن ۾ هي سوڀارو ٿيو.

ان کان پوءِ لڪش لالواڻي کي شهرت جي بلندين تي سوني ٽي وي جي پروگرام پورس مان ملي، جنهن ۾ هن پورس ڪردار ادا ڪيو، جيڪو هندستان جي بادشاھ پورس جنهن سڪندراعظم يوناني سان مقابلو ڪيو هو تي ٺهيل آهي. هي هندستاني ٽي وي جي تاريخ جو سڀ کان مانگھو ڊرامو آهي. جنهن لاڳت آمريڪي 70 ملين ڊالر ۽ هندستاني 500 ڪروڙ جيڪي پاڪستاني روپين ۾ 11 ارب 2 ڪروڙ 50 لک ٿين ٿا. هي 20 کان 30 منٽن وارو ڊرامو 249 قسطون ٿيون.

ٽيلي ويزن سنواريو

  1. واريئر هاءِ Warrior High
  2. هماري اڌوري ڪهاني (ڪردار شهزادو مهاڌوَ /ڪرش)
  3. پيار تو ني ڪِيا ڪيا (ڪردار آروَ)
  4. پرديس ۾ هي دل ميرا (ڪردار وير مهرا)
  5. پورس (ڪردار پورس)

فلم سنواريو

2 سيپٽمبر 2019 تي مشهور هدايت ڪار ڪرن جوهر لڪش لالواڻي ۽ ڪارتڪ آرين کي دوستانه -2 ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو جنهن جي هيروئن سري ديوي ۽ بوني ڪپور جي ڌي جھانوي ڪپور هوندي.

ايوارڊ سنواريو

لڪش لالواڻي کي پورس لاءِ 2018ع ۾ بهترين اداڪار جو لائنس گولڊ مليو ۽ ايشين ٽيلي ويزن ايوارڊ طرفان بهترين ادڪار لاءِ نامزد ڪيو ويو.