لِچي(انگريزي: Lychee ) هڪڙو ننڍو وڻ يا اوڀڙ آهي، جنهن جا پن گهاٽا ۽ سهڻا ٿيندا آهن. اصل هي چين مان آيل آهي. فيبروريءَ جي وچ ڌاري ٻور جهلي ٿو. گل ڦڪا ساوا ٿينس ٿا. اپريل يا مئي ۾ سندس ميون جا وڏا ڇڳا پچن ٿا. ميوو قد ۾ وڏي آلو بخارا جيڏو ٿئي ٿو. کل سنهڙي، گهنجيل ۽ ڳاڙهي ٿئيس ٿي. وڻ مان پٽئي کانپوءِ رنگ ڦري ڀُورو ٿيو پويس. ڳر تمام لذت واري ٿيندي اٿس ۽ وچ ۾ ککڙو رهيس ٿو. جيڪي عمدي قسم جا آهن انهن ۾ ککڙو تمام ننڍڙو ٿو ٿئي[2]. ڪلڪتي، بمبئيءَ ۾ ۽ ٻين هنڌن ۾ هي ميوو چڱو ٿيندو آهي. بمبئيءَ وارو قسم جهنبيارو، واڱڻائي رنگ جو، مٺو ۽ خوشبودار ٿيندو آهي. چون ٿا ته لچي گهڻا کائبا ته بُت تي ڦرڙيون نڪري پونديون. چيني ماڻهو ته هي ميوو سڪائي ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليندا آهن. اهڙيءَ صورت ۾ لنڊن جي بازار ۾ وڪامندو آهي. پکي هن ميوي جا ڏاڍا شوقين ٿيندا آهن. تنهنڪري اپريل جي شروع ڌاري وڻن جي مٿان ڄاريون وجهي ڇڏيندا آهن.[2] هي وڻ سرديءَ ۾ نٿو ٿئي. پوسل واري آبهوا ۽ ججهو پاڻي گهرجيس. لچي ٻج مان ٿيندا آهن. ٻج رکڻ ڪري خراب ٿي ويندو آهي، تنهنڪري ستت پوکڻ گهرجي، پر گوٽيءَ جي رستي وڻ وڌيڪ لڳي سگهن ٿا. مئي مهيني جي پڇاڙيءَ ڌاري گوٽي هڻجي. ايندڙ سياري ۾ چڪيون ڪونڊين ۾ رکي سگهجن ٿيون ۽ ورنديءَ برسات جي موسم ۾ زمين ۾ رکي سگهجن ٿيون. پيوند ڪرڻ سان به وڻ ٿيندا آهن.[2] لچي جو هڪڙو قسم آهي، جنهن کي هندستانيءَ ۾ آش ڦَل چوندا آهن. اهو جون جي آخر ۾ پيدا ٿيندو آهي. ٻيو به هڪڙو قسم ٿيندو آهي جنهن کي لَٽڪُئا چوندا آهن. لچيءَ جي وڻ کي مينهن جي موسم اچڻ تائين ڏهاڙي پاڻي ڏيڻ گهرجي. سياري ۾ هڪ ڀيرو هفتي ۾ بس آهي. سياري جي ڏينهن ۾ معدني قسم جو ڀاڻ به ججهو ڏيڻ گهرجيس. انهيءَ لاءِ مارچ مهينو چڱو آهي. مٽيءَ چُن يا پراڻي گچ جي چوُري گڏڻ سان ميوو چڱو پيدا ٿئي ٿو.[2]

لچي
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: نباتات
(unranked): اينجيوسپرمس
(unranked): ايوڊيڪاٽس
(unranked): روسڊس
ترتيب: سئپنڊيلز
خاندان: سئپنڊيشياء
ذيلي خاندان: سئپنڊوئڊياء
نسل: لچي
پيري سونريٽ
جنس: ايل.چنينسس
حياتياتي نالو
لچي چنينسس
پيري سونريٽ[1]

لچي جو ڇليل ميوو ، کل ۽ ٻج ۔


لچي
"Lychee" in Chinese characters
چیني 荔枝

حوالا سنواريو

  1. "Litchi chinensis Sonn.". Germplasm Resources Information Network. United States Department of Agriculture. حاصل ڪيل 2010-01-19. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو