ناري پرستي هڪ نفسياتي اصطلاح آهي. لفظ“ليزبئن” يوناني ٻولي جو لفظ آهي. ليسبزيا نالي هڪ ٻيٽ تي يوناني شاعره سيفو پنھنجي سرتين سان پيار محبت سان رهي، ان حوالي سان اهو لفظ رائج ٿيو. اصطلاحي معنيٰ ۾ هي لفظ يعني عورتن ۾ ھم جنس پرستيءَ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. زرينہ بلوچ پنھنجي افساني ”جيجي“ ۾ ھڪ اھڙو موضوع کنيو، جنھن تي اڃا مردن بہ نہ لکيو ھو، خيرالنساءِ جعفري جي ڪھاڻين، ”حويليءَ کان هاسٽل تائين. يا نورالهديٰ شاھ جو افسانو ”ناگاساڪي“ Lesbianism جي حوالي سان اهم آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.