لوڪٽ(انگريزي: Loquat) يا لوڪئاٽ هڪڙو ننڍو، گهاٽو ۽ سهڻو وڻ آهي؛ جو اصل چين ۽ جاپان جو آهي، پر هندستان ۾ جتي ڪٿي ٿي سگهي ٿو. ميوو ننڍيءَ ناسپاتيءَ جهڙو ٿو ٿئيس ۽ ڇڳن ۾ ٿو ٿئي. هن جا به ڪي ٿورا قسم آهن، جي رنگ ۽ قد ۾ تفاوت رکن ٿا. ڪي مٺا ۽ ڪي کٽا ٿا ٿين. ڪن جا ککڙا وڏا ۽ ڪن جا ننڍا ٿا ٿين.

لوڪٽ
Loquat-0.jpg
لوڪٽ جا پن ۽ ميوو
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): ايريوبوٽريا
جنس: Template:Taxonomy/ايريوبوٽريا{. جيپونيڪا
حياتياتي نالو
ايريوبوٽريا جيپونيڪا
(ڪارل پيٽر ٿنبرگ) جان لنڊلي
لوڪٽ
روایتي چیني 盧橘
سادا چیني اکر 卢橘
Modern Chinese name
چیني 枇杷

هي ميوو ڏاڍو لذيذ ٿو ٿئي. خشڪ موسم ۾ ٿو ٿئي، تنهنڪري انهيءَ وقت جُجهو پاڻي ۽ پٽڙو ڀاڻ ڏيڻ ضروري ٿو ٿئيس. آڪٽوبر جي وچ ڌاري پاڙون اگهاڙيون ڪري هفتي کن تائين ڇڏي ڏجن، پوءِ منجهن پراڻو ۽ ڳائو ڀاڻ وجهي پوري ڇڏجن. تنهن کانپوءِ پاڻي ڏجين. لکنئو جي باغن ۾ ته هڪڙو هڪڙو لوڪٽ ٽن تولن جيڏو به ٿئي ٿو.

هي وڻ سال ۾ ٻہ ڀيرا ٻور جهلي ۽ گل ڪري ٿو. هڪڙو ڀيرو آگسٽ ۾، جڏهن ڦر نه ٿو جهلي ۽ ٻيو ڀيرو نومبر جي پڇاڙيءَ ۾. گل اُڀن ڇڳن ۾ ٿين ٿا ۽ جي اڇا ۽ خوشبودار ٿا ٿين. ميوو مارچ کان اپريل يا مئي تائين لهي ٿو. هي ميوو جهڙو ڪچي کائڻ ۾ لذيذ آهي تهڙو مربي ۾. وڻ اڪثر ٻج مان ٿين ٿا، جو تازو پوکڻ گهرجي، رکئي خراب ٿيو وڃي. عمدي قسم هٿ ڪرڻ لاءِ پيوند جو رستو بهتر آهي، جو جون ۽ جولاءِ ۾ ڪم آڻي سگهجي ٿو.

هن وڻ کي گهڻي ڇانگ جو ضرور ڪونهي. ننڍين شاخن جي سنڀال رکڻ گهرجي، جو گل اڪثر انهن جي چوٽين ۾ ٿيندا آهن.[1]

حوالاسنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو