لومڙ (ڪاري پُڇ وارو)
ڪاري پُڇ وارو لومڙ (Indian fox or Bengal fox)، سائنسي نالو، ولپيس بينگالينسس (Vulpes benegalensis)، لومڙ جو هي قسم ڦڪو سرمائي يا اوٺي رنگ جو ٿئي ٿو. ڪن جو پويون حصو ناسي ڪارڙو ۽ ٿلهي بُجر پڇ جي چوٽي ڪاري ٿئي ٿي. اهو رات جو نڪرندو آهي ۽ پنهنجين کوٽيل کڏن ۽ چُرن ۾ رهي ٿو، گهڻو ڀونڪندو آهي. اها ڄاها، پکي، نانگ، جيت، ڪرڙيون ۽ ڪتريندڙ جانور شڪار ڪندو آهي.[1]
Bengal fox | |
---|---|
مادي لومڙ ڪڇ جي رڻ وري علائقي ۾ | |
سائنسي درجا بندي | |
ڪنگڊم: | Animalia |
تقسم: | Chordata |
درجو: | Mammalia |
ترتيب: | Carnivora |
خاندان: | Canidae |
نسل: | Vulpes |
جنس: | V. bengalensis |
حياتياتي نالو | |
Vulpes bengalensis (Shaw, 1800) | |
Range map | |
هم معنيٰ | |
Canis kokree |
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: سنڌ جي جهنگلي جيوت، ص 28، ليکڪ: بدر ابڙو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
- ↑ سانچو:IUCN2008