لليت پور، نيپال جو شهر آهي ۽ کٽمنڊوءَ کي ويجهو آهي. چيو وڃي ٿو ته لليتپور، قبل مسيح کان ٽي صديون اڳ وجود ۾ آيو. ان جو بنياد وجھڻ وارا ڪراتي يا ڪرانتي هيا. جيڪي اصل ۾ انڊيا جي آسام سان تعلق رکندا هيا ۽ پوءِ اچي اتي هماليا جبلن ۾ آباد ٿيا. ان کانپوءِ وري ان شهر کي وسعت ليچاوي ۽ مَلا يا مَل ماڻهن ڏني.

هن شهر جي باري ۾ مختلف ڏند ڪٿائون آهن، انهن مان اهم هي آهي ته ڪنهن زماني ۾ کٽمنڊو ۾ برساتن نه پوڻ جي ڪري سوڪهڙو ٿي ويو، فصل سڪي ويا، ماڻهو بک مرڻ لڳا، سندن دارو مدار زراعت تي هو، انڪري هتان جي ماڻهن سوچيو ته ان لاءِ ڪجھه ڪيو وڃي، سڀني هڪ راءِ ٿي اهو فيصلو ڪيو ته ڪنهن نه ڪنهن نموني رام رتي مڇندرناٿ کي آسام، انڊيا مان کڻي کٽمندو اچجي، ان ڪم لاءِ ٽن ماڻهن جو هڪ گروپ تيار ٿيو. ان گروپ ۾ هڪ ڄڻو لليت به هو، جيڪو انڊيا کان وٺي کٽمنڊو تائين، پنهنجن ڪلهن تي کڻي آيو. جڏهن رام رتو مڇندرناٿ هتي پهتو ته برساتون شروع ٿي ويون، ماڻهن سک جو ساهه کنيو ۽ ٻنين ۾ ساوا سلا ڦٽڻ شروع ٿي ويا. لليت جي اهڙي ڪم جي ڪري ماڻهن، کٽمنڊو ماٿريءَ جي ان هنڌ کي لليت پور سڏڻ شروع ڪيو. ڪن هنڌن تي ايئن به لکيل آهي ته لليت پور جي معني آهي خوبصورتيءِ وارو شهر يا فن وارو شهر. هن وقت به ويساک (اپريل/مئي) مهيني ۾ جڳنناٿ جو ميلو مچايو وڃي ٿو، جنهن ۾ هڪ وڏي رٿ ۽ ٻي ننڍي رٿ ڪڍي ويندي آهي جنهن کي جلوس جي صورت ۾ گھمائيندا آهن.[1] [2]

  1. نڪري پيس نيپال ڏانهن (اسحاق انصاري) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-09-16 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-31 
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام