لفظي تڪرار
لفظي تڪرار (Reduplication) سنڌي شاعرن معنوي لحاظ کان پنھنجي شاعريءَ ۾ انيڪ خوبيون پيدا ڪيون اھن. روزمره جي ٻوليءَ جي ھڪ خوبي لکظن جو تڪرار اھي، لکظن کي معنوي لحاظ کان ھڪ ٻئي پٺيان گڏوگڏ وري وري دھرائڻ کي تڪرار چئبو اھي. شيخ اياز، تنوير عباسي، امداد حسيني ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ ھن خوبيءَ جا ڪيترائي مثال ملي سگھن ٿا. نموني طور فقط امداد حسينيءَ جو ھڪ شعر پيش ڪجي ٿو: اسين پيٽ بکيا، اگھاڙا اگھاڙا، اروکا، اروکا، اٻالا اٻالا، وساريل وساريل، ڌڪاريل ڌڪاريل، نماڻا، نماڻا، نرالا نرالا، اڪيلا اڪيلا، توائي توائي، سدا چاڪ دامن، سدا نيڻ الا.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.