لاوهينڊر نالي جو خوشبودار عرق ماڻهو ڪپڙن تي وجهندا آهن. هي هڪڙو مزي جهڙو ننڍڙو ولايتي ٻوڙو آهي، جو ٻج مان پيدا ٿيندو آهي. ٻج آڪٽوبر ۾ پوکبو آهي. هي ننڍڙو وڻ گهڻن ورهين تائين رکي سگهجي ٿو ۽ قد ۾ بہ وڌائي سگهجي ٿو. هي سڄو پشمدار ٿئي ٿو. ڪي قسم لسا بہ ٿيندا اٿس. گل ڪارا نيلا يا اڇا ڪندو آهي. دکن ۾ هن کي گوريا آسماني چوندا آهن..[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ