جنم سنواريو

لالا لجپت راءِ 1865ع ۾ پنجاب ۾ ڄائو.

سوانح سنواريو

لالا لجپتراءِ (Lala Lajpat Raai) پنجاب جو هندو ليکڪ ۽ سياستدان ٿي گذريو آهي، جنهن آزاديءَ لاءِ انگريزن سان سڄي عمر ويڙهاند ڪئي. لجپتراءِ وڪالت جي تعليم لاهور مان حاصل ڪئي ۽ ماڻهن کي سياست ۽ لکڻين ذريعي آزاديءَ جي مهم لاءِ سجاڳ ڪيو. پاڻ “آريا گزيٽ” نالي اخبار به ڪڍيائين ۽ سرونٽس آف پيپل (Servants of people) سوسائٽي پڻ قائم ڪئي.

ڊي اسٽوري آف ماءِ لائيف سنواريو

هن جي انگريزي ۾ لکيل آٽو بايوگرافي “دي اسٽوري آف ماءِ لائيف” تمام مشهور آهي. سندس هڪ ٻه ٻيا ڪتاب به بيحد مشهور آهن جيڪي سياست جي شاگردن ۽ سياستدانن کي ضرور پڙهڻ کپن. هن آخري ڪتاب “اَن هئپي انڊيا” (Unhappy India) لالا لجپتراءِ “مدر انڊيا” ڪتاب جي جواب ۾ لکيو آهي، جيڪو آمريڪن تاريخدان “ڪئٿرين مايو” لکيو هو.

لجپت روڊ سنواريو

لالا لجپتراءِ جي نالي سان روڊ نه رڳو ممبئي ۾ آهي, جيڪو ممبئي ۾ حاجي علي چونڪ وٽ آهي پر لالا لجپت جي نالي سان روڊ حيدرآباد، سنڌ ۾ پڻ آهي. جنهن کي لجپت روڊ سڏيو وڃي ٿو.

لالا لجپتراءِ جا لکيل ڪتاب سنواريو

  • The man and his work
  • USA - A hindu’s impression and a Study
  • England’s Debt to India
  • Unhappy India

ديهانت سنواريو

1928ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. [1]

حوالا سنواريو

  1. بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾ (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-06-07 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-01-09