لاعلاج بيماري----Terminal Illness or :'Terminal Disease لاعلاج بيماري اھڙي بيماري آهي جنھن لاء طبي ماھر وڌيڪ علاج جاري رکڻ کان لاچاري ڏيکاري ممڪن طور تي ٿورڙي عرصي اندر مريض جي موت واقع ٿيڻ جي راء ڏين. ھي فقرو اھڙين بيمارين لاء استعمال ٿيندو آهي جيڪي وڌندڙ آھن جيئن ڪينسر يا دل جي بيماري. اھڙي بيماري وڌي آخري مرحلي ۾ موت جو نتيجو بڻجندي آهي.مريض جي ان حالت ۾ باقي زندگيءَ جي لاءِ ڪو حتمي مدو نہ ٿو ٻڌائي سگھجي. طبي ماھر اندازو لڳائي مدو ٻڌائيندا آھن جيڪو ڪجهه مھينن يا ڪجهه ڏينھن تائين ھوندو آھي.[1]

حوالا سنواريو

  1. Hui, David; Nooruddin, Zohra; Didwaniya, Neha; Dev, Rony; De La Cruz, Maxine; Kim, Sun Hyun; Kwon, Jung Hye; Hutchins, Ronald et al. (2014-01-01). "Concepts and Definitions for “Actively Dying,” “End of Life,” “Terminally Ill,” “Terminal Care,” and “Transition of Care”: A Systematic Review". Journal of Pain and Symptom Management 47 (1): 77–89. doi:10.1016/j.jpainsymman.2013.02.021. http://www.sciencedirect.com/science/article/pii/S0885392413002431.