لاشعور (Un-consciousness) انساني ذهن جا مختلف خانا آهن، جيئن شعور (Consiousness)، لاشعور (Unconsiousness) تحت شعور (Sub- Consiousness) وغيره. فرائڊ مطابق لاشعور نفس انساني جو اهو خود غرض، اخلاق دشمن ۽ غير معقول حصو آهي، جنهن لاءِ ڪا بہ اڳڪٿي نہ ٿي ڪري سگهجي. هي حصو انساني خواهشن ۽ غير مهذب امنگن جو مسڪن آهي. پر لاشعور, نفس، انسانيءَ جو نهايت اهم فعال حصو آهي، جتي ادب يا فن، لاشعوري خواهشن جو رجحان ڀريندو آهي. اڳتي هلي ناول ۾ نئون رجحان ”شعور جو وهڪرو“ شروع ٿيو. جنهن ۾ لاشعور ۾ بي ترتيب سوچن کي ترتيب ڏئي افسانوي انداز ۾ پيش ڪيو ويو.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.