لائبريري سائنس جي تعليم.(ڪتاب)

يلائبرري سائنس جي تعليم (ڀاڱو ٻيو)

مصنف: شاهه محمد بلوچ، ڇپائيندڙ: گلشن پبليڪيشن حيدرآباد، صفحا: 292، سال 1987ع.

هن ڪتاب جو مصنف مسٽر شاهه محمد بلوچ، لائبريرين گورنمينٽ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي طرفان قائم ڪيل لائبرري سائنس جي شعبي جي اولين شاگردن مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي مهارت حاصل ڪيل موضوع تي هي ضخيم ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ لکيو آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ لائبرري سائنس جي عام ۽ بنيادي حقيقتن جي وضاحت ڪرڻ کان پوءِ ٻيو ڀاڱو خاص فني نوعيت جو لکيو اٿس.

سڄو ڪتاب ڇهن مکيه بابن ۾ ورهايل آهي ۽ اهي ئي ڇهه باب آهن جيڪي لائبرري سائنس ۾ پڙهايا وڃن ٿا. ڪتاب جي ترتيب ڪورس مطابق آهي، جيڪو ماسٽرس ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ پڙهيو وڃي ٿو. پهرئين ۽ ٻئي باب ۾ ڪتبخاني جي رٿابندي ۽ تنظيم نهايت وضاحت سان سمجھائي وئي آهي. ٽيون ۽ چوٿون باب نهايت اهم ۽ مڪمل فني نوعيت جا آهن ۽ سموري ڪورس ۾ اهميت وارا آهن. تنهن کان سواءِ ڪجهه اوڻاوا به آهن. هنن ٻنهي بابن تي اڃا ڪجهه وڌيڪ روشني وڌي وڃي ها ته جيڪر لائبرري سائنس ۾ ايم. ايل. ايس. جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ هي هڪڙو ئي ڪتاب ڪافي سمجھيو وڃي ها.

هن ڪتاب لکڻ ۾ مصنف کي ڪيتري ڏکيائي محسوس ٿي هوندي ۽ ڪيتري محنت ۽ مشقت ڪرڻي پئي هوندي ، تنهن جو اندازو ڪتاب ۾ پيش ڪيل ببليو گرافي مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ ڏٺو ويندو ته هڪڙي بلڪل نئين موضوع تي ۽ سو به فني ۽ سائنسي موضوع، جنهن تي اڳ م ڪو به سنڌي ڪتاب نه لکيو ويو هجي، تنهن تي قلم کڻڻ وڏي همت ۽ مڙسيءَ جو ڪم آهي. انهيءَ لاءِ بيشڪ مصنف کيرون لهڻيون.

ٻوليءَ جي لحاظ کان مصنف، ڪتاب کي اهڙي پيرائي ۾ پيش ڪيو آهي جهڙوڪر هن رڳو سنڌي ڪتاب پڙهي، هيءَ اوکي ۽ اڻائي تحقيق ڪئي آهي. مصنف کي جيڪڏهن ڪو سنڌيءَ ۾ مواد ڏسڻ لاءِ ميسر ٿي سگهيو آهي، ته اهو چئن رسالن ۾ مختلف ليکڪن جي عام نوعيت جي مضمونن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. باقي انگريزي ڪتاب، اينسائڪلوپيڊيائون ۽ چند اردو ڪتاب حوالا ڪڍڻ لاءِ مصنف کي ملي سگهي آهن ۽ ان جي باوجود ڪتاب کي اهڙي جامعيت سان لکيو اٿس جو محسوس ئي ڪونه ٿو ٿئي ته مصنف ڌاري ٻوليءَ مان مواد هٿ ڪري ان کي هڪ ئي رنگ ڍنگ واري زبان ۾ ادا ڪيو آهي. نهايت سادي، پروقار ۽ رائج زبان ۾ سائنس جي ڏکين لفظن ۽ جملن کي موڙيو اٿس.

سنڌ يونيورسٽيءَ لائبرري سائنس جو شعبو سن 1965ع کان جاري ڪيو آهي ۽ اڄ تائين ڪئين شاگرد هن موضوع ۾ اعليٰ تعليمي ڊگريون حاصل ڪري فارغ ٿي چڪا آهن، پر انهن مان ڪنهن به ايتري همت ۽ جرئت نه ساري، جو پنهنجن ايندڙ دوستن لاءِ، سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکي راهه هموار ڪري سگهن. هن موضوع تي دوستن پنهنجي قلم کي جنبش ڇو نه ڏني، تنهن جو سبب اهيو نه ٿو ٿي سگهي ته انهن کي وقت نه ملي سگهندو هوندو يا مالي حالت اجازت نه ڏيندي هوندي، بلڪه صحيح حقيقت اها آهي ته هڪڙي بلڪل نئين ۽ فني نوعيت جي موضوع تي پهريون ڀيرو سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکڻ تمام ڏکيو ۽ محنت طلب ڪم آهي. انهيءَ لحاظ کان به مصنف شاهه محمد بلوچ کي صد آفرين هجي، جنهن سنڌي ۾ هڪ عدد سائنسي ڪتاب لکي ٻوليءَ جو حق ادا ڪيو آهي. مصنف جي عرق ريزيءَ کي ڏسي وري ڪتاب جي قيمت کي ٿو ڏسجي ته قيمت گهٽ آهي، پر ڇاڪاڻ ته مسٽر شاهه محمد بلوچ هي ڪتاب شاگردن لاءِ لکيو آهي، تنهن ڪري ان جي قيمت کي گهٽائڻ خاطر هن پنو سادو استعمال ۾ آندو آهي. ڪتاب لائبرري سائنس جي شاگردن، استادن ۽ ڪتب خانن سان واسطو رکندڙ عملي ۽ خود محققن لاءِ فائديمن آهي. هونءَ ته لائبرري سائنس جي سکيا واقعي هڪ خشڪ مضمون ۽ ٿڪائيندڙ موضوع آهي، پر ان هوندي به مسٽر شاهه محمد بلوچ جو ادبي رنگ ڍنگ ۾ هيڏو انمول خزانو سنڌيءَ ۾ پيش ڪرڻ سندس دروانديشي، موضوع سان محبت ۽ جفاڪشيءَ جو چٽو ثبوت آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. تبصرا: غلام محمد لاکو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو