قومي ڪردار
هر هڪ قوم کي پنهنجو خاص فڪري ۽ مادي ڪردار يا نفسياتي سڃاڻپ هوندي آهي. قومي ڪردار (Qoumi kirdaar) جو اظهار هڪ قوم جي خاص تهذيب مان ٿيندو آهي. جيڪو ان قوم جي انهن اندروني قومي خاصيتن جو ميڙ هوندو آهي، جيڪي خاصيتون هڪ قوم کي ٻي قوم کان الڳ ڪنديون آهن.
هر هڪ قوم کي پنهنجون الڳ قومي خاصيتون ۽ گڻ هوندا آهن، جن جي ذريعي ئي ان جي سڃاڻپ ٿي سگهندي آهي. اهي قومي خاصيتون پاڻ هرتو يا هڪدم پيدا ٿي ڪونه پونديون آهن، پر اهي انساني سماج جي اوسر سان گڏ ان قوم جي وطن جي جاگرافيائي ماحول، آبهوا، ريتن رسمن، جدا جدا انساني نسلن جي رواجن، ماحول ۽ مذهبي عقيدن جي اثر ڪري خود به ارتقا ڪنديون آهن. حالتن جو اثر به قبول ڪنديون آهن ۽ پنهنجي شڪل تبديل ڪنديون رهنديون آهن. ان ڪري ئي قومن جي قومي ڪردار يا نفسياتي جوڙجڪ ورهين کان پوءِ ئي ٿيندي آهي ۽ ان سان گڏ ان ۾ پختگي ۽ جٽاداري ايندي رهندي آهي.
ڪنهن به قوم جي قومي ڪردار جي خبر اسان کي ان قوم جي ادب، شعر، ڏند ڪٿائن ۽ لوڪ ادب مان پوي ٿي. جن ۾ قوم جي مخصوص گڻن ۽ خاصيتن کي ساراهيو ۽ ڳايو ويندو آهي. هن دنيا جي تختي تي ڪن قومن جا فرد وڌيڪ محب وطن ته ڪن جا قوم فروش، ڪي اهنسا پسند ته ڪي ڏهڪاءُ پسند، ڪي باهمت ته ڪي ڊڄڻا هوندا آهن. هرهڪ قوم ۾ ڪونه ڪو ڪردار ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ چٽو ۽ اڀريل هوندو آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب؛ قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي، ليکڪ؛ رڪ سنڌي آرڪائيو ڪيا ويا 2018-06-30 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌسلامت ڊاٽ ڪام