قومي شاعري
قوم ساڳي ۽ مخصوص حدن ۾ رهڻ وارن ماڻهن کي چئبو آهي. سندن ٻولي، تهذيب، ثقافت هڪجهڙي هوندي آهي. سندن ادبي، ثقافتي ۽ لساني روايتون به ساڳيون هونديون آهن. اها شاعري جنهن ۾ ڪنهن به قوم جي تهذيب، تمدن، رسم و رواج، جذبات، اخلاق، غيرت، يا حب لوطني جو نقشو چٽيل هجي، ان کي قومي شاعري (National Poetry) چئجي ٿو. سنڌي قوم هڪ قديم قوم آهي. سنڌي شاعري ۾ قومپرستيءَ جو رجحان انتهائي پراڻو آهي. سومرن جي دَور ۾ رزميه ڳاهيون، دودي چنيسر بابت شاعري، سمن جي دَور ۾ شيخ حماد ۽ نوح هوٿياڻيءَ جي ڄام تماچيءَ لاءِ دعايه شاعري، شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ مقاميت نگاري ۽ شاهه جي سڄي شاعري سراپا قومي آهي. سمن سومرن جي دَور ۾ سنڌي سورهين جا داستان، ڀٽائيءَ جي وطن پرستيءَ تي مشتمل خاص ڪري سر مارئيءَ واري شاعري ۽ جديد شاعريءَ جو وطن پرستيءَ وارو سمورو مواد قومي شاعريءَ ۾ اچي وڃي ٿو. سچل سرمست (Sachal Sarmast) ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعريءَ ۾ قومي لاڙا ۽ تحريڪون آهن. انگريزن جي دَور ۾ ترقي پسند تحريڪن هيٺ قومپرستيءَ هڪ لاڙي جي شڪل اختيار ڪئي. آزاديءَ کانپوءِ ون يونٽ واري حالتن ۾ اسرندڙ سڄي شاعري قومپرستيءَ جي تحريڪ اختيار ڪري وئي. موجوده دَور ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، عبدالڪريم گدائي، قمر شهباز، شمشير الحيدري، تنوير عباسي، نجم عباسي، تاجل بيوس، امداد حسيني، تاج بلوچ ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر قومي شاعريءَ جي ڪري مشهور آهن. [1]
حوالا
سنواريو- ↑ سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد