قومي اتحاد (پاڪستان)
پاڪستان قومي اتحاد سان ڀل نہ کائو.
قومي اتحاد (انگريزي: National Alliance)، 2002ع جي عام چونڊن وقت جڙيل ھڪ سياسي اتحاد ھو، ھن اتحاد ۾ ملي پارٽي، سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائينس، نيشنل پيپلز پارٽي، نيشنل عوامي پارٽي ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ شامل ھيون. ھن اتحاد جو سربراھ نيشنل پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ۽ پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم غلام مصطفيٰ جتوئي ھو.[1]
ھن اتحاد 2002ع جي عام چونڊن ۾ 4.6 سيڪڙو ووٽ ۽ 342 مان 16 سيٽون کنيو. 2004ع ۾ ھن جماعت جي تنظيمن پاڪستان مسلم ليگ (ق) ۾ شموليت اختيار ڪري اتحاد کي ختم ڪيو.[2]
حوالا
سنواريو- ↑ Mansoor, Hasan (February 2003). "The pathology of military democracy: Manufacturing a government in Sindh". Himal South Asia. Archived from the original on 2008-01-10. https://web.archive.org/web/20080110130021/http://www.himalmag.com/2003/february/report_2.htm.
- ↑ Mumtaz, Ashraf (May 20, 2004). "Parties to inform EC about merger with PML". Dawn. http://www.dawn.com/2004/05/20/nat1.htm.