قم (انگريزي: Qom يا Qum) ايران جي قم صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ ۽ آباديءَ جي لحاظ کان ايران جو ستون وڏو شھر آھي. تھران کان 140 ڪلوميٽر (87 ميل) ڏکڻ ۾ موجود ھي شھر شيعا مسلمانن جو ھڪ انتھائي مقدس شھر آھي. ھن شھر کي قم المقدس پڻ سڏيو وڃي ٿو[1]. ھتي حضرت امام رضا جي ڀيڻ فاطمہ معصومہ جي مزار آھي جنھن جي زيارت لاءِ سڄي دنيا مان شيعا مسلمان ھتي گڏ ٿين ٿا[2]. ان کان علاوھ مختلف امامن جا روضا پڻ ھتي موجود آھن. 2016ع وارن انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 1,201,158 آھي. ھن آباديءَ جو وڏو حصو عالمن ۽ ديني تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن تي مشتمل آھي. ھتي ايراني شاگردن سان گڏوگڏ ھزارن جي تعداد ۾ پاڪستاني، ھندستاني، افغاني، عراقي، لبناني، ڪويتي، سعودي، بحريني، يمني، جزائري ۽ ٻين ملڪن جا شاگرد مذھبي ۽ روحاني تعليم حاصل ڪن ٿا. ھن شھر جا 99.76 سيڪڙو رھواسي شيعا آھن.

Qom
قم
شھر
کلانشهر قم · Qom Metropolis
IMG 20180410 065420 HDR.jpg
Maghabere Gonbade Sabz مقابر گنبد سبز از بناهای تاریخی شهر قم.jpgIMG 0193 Qom.jpg
عکس از مدرسه علمیه معصومیه شهر قم.jpgJamkaran Mosque مسجد جمکران قم 15.jpg
Qom panorama.jpg
Qom
مھر
عرفيت: ايران جي مذھبي گادي
Qom is located in Iran
Qom
Qom
جاگرافي بيهڪ: 34°38′24″N 50°52′35″E / 34.64000°N 50.87639°E / 34.64000; 50.87639مڪانيت: 34°38′24″N 50°52′35″E / 34.64000°N 50.87639°E / 34.64000; 50.87639
ملڪ Flag of Iran.svg ايران
صوبو قم
ضلعو مرڪزي
بلندي ٩٣٦ ميل (٣٬٠٧١ ft)
آبادي

ھن شھر کي عقيدت ۽ احترام وچان مختلف لقبن ۽ نالن سان ياد ڪيو وڃي ٿوجن ۾ حرم اھل بيت جو شھر، علم جو شھر، ايران جو علمي ۽ ثقافتي گاديءَ جو ھنڌ، شيعن جي دنيا جي گاديءَ جو ھنڌ ۽ عالمن جو شھرمشھور آھن[3]. ايران جي سپريم ليڊر سيد علي خامنائي ھن شھر کي ”ايران جي ماءُ“ جو لقب ڏنو[4].

قم شھر جو سوھان حلوو سڄي ايران ۽ اسلامي دنيا ۾ مشھور آھي. شھر ۾ ھي حلوو 2000 کان وڌيڪ دڪانن تي وڪرو ٿئي ٿو.

ھي شھر پيٽروليم ۽ پيٽروليم جي مصنوعات جي ورھاست جوھڪ اھم مقامي مرڪز آھي. بندر انزلي کان تھران ويندڙ گئس جي پائپ لائين ۽ تھران کان آبادان ويندڙ تيل جي پائيپ لائين ھن شھر وٽان گذري ٿي. 1956ع ۾ ھن شھر ويجهو سراجه واري ماڳ وٽ تيل جا ذخيرا ھٿ آيا جن ھن شھر جي خوشحاليءَ کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيا. قم ۽ تھران جي وچ ۾ تيل صاف ڪرڻ جي ھڪ وڏي رفائنري قائم ڪئي وئي آھي.

تاريخسنواريو

آثار قديمہ جا ماھر ٻڌائين ٿا تہ ھي شھر ايران ۾ اسلام اچڻ کان ڪئين ھزار سال پھرين آباد ھو. 1979ع واري اسلامي انقلاب کان پوءِ وارن سالن ۾ قم جي علائقي قمرود مان پراڻي زماني جا جيڪي آثار مليا آھن سي ٻڌائين ٿا تہ قم واري علائقي ۾ ڏھ ھزار سال پھرين بہ انساني وسندي موجود ھئي[5]. ساڳيءَ طرح علي قلي واري علائقي مان 3000 سال پراڻا جيڪي قديم آثار مليا آھن تن جي آڌار تي چئي سگھجي ٿو تہ پراڻو قم شھر موجودھ شھر کان اوڀر ۾ ٿوري پنڌ تي آباد ھو. ڪجه تاريخ نويسن جو خيال آھي تہ موجودھ قم شھر جو بنياد بھمن جي ڌيءَ خماني وڌو ھو. اھو بہ معلوم ٿيو آھي تہ ھتي ممجان نالي ھڪ قبيلو آباد ھو ۽ انھيءَ قبيلي جا ماڻھو باھ جي پوڄا ڪندا ھئا. ھي شھر قديم زماني کان وٺي پستن ۽ زعفران جي پيداوار جي ڪري مشھور ھو. اھو بہ معلو ٿيو آھي تہ ساساني دور کان پھرين ھي شھر تباھ ٿي ويو ھو ۽ ساساني حڪمران قباد ھن شھر کي ٻيھر وسايو. يعقوبي ھن شھر کي ساساني دور جو شھر قرار ڏنو آھي[6]. جيتوڻيڪ ھن شھر جي تاريخ جا ڪئين باب گم آھن پر ايئن ٿو لڳي تہ پراڻو قم شھر سڪندراعظم حملو ڪري تباھ ڪري ڇڏيوھو ۽ پوءِ ساساني دور ۾ ھن کي ٻيھر وسايو ويو.

حضرت عمر بن خطاب رَضيہ جي خلافت واري دور ۾ اسلام ايران تائين پھتو. 624ع ڌاري ابو موسيٰ اشعري ھي شھر فتح ڪيو. انھيءَ فتح کان پوءِ ھن علائقي ۾ عرب ھجرت ڪري آباد ٿيڻ لڳا. ھتي عربن جي اشعري قبيلي جا ڪافي ماڻھو ھجرت ڪري اچي آباد ٿيا انڪري ھن شھر جي پکيڙ ۽ آباديءَ ۾ واڌارو آيو ۽ آسپاس جا ڳوٺ بہ شھر جو حصو بنجي ويا. اشعري قبيلي جا ماڻھو شيعا ھئا ان ڪري قم شھرشيعا مسلمانن جو مرڪز بنجي ويو. جڏھن شيعا مسلمانن جي اٺين امام حضرت امام رضا جي ڀيڻ حضرت فاطمہ معصومہ ھجرت ڪري ھن شھر ۾ رھڻ شروع ڪيو تہ ھي شھر شيعا مسلمانن جي توجہ جو مرڪز بنجي ويو.

جيئن تہ اموي ۽ عباسي گھراڻي جا حاڪم شيعن جي خلاف ھئا انڪري ھنن ھتي جي ماڻھن تي ڳرو ٽيڪس لاڳو ڪيو. انھيءَ ناانصافيءَ خلاف ھتان جي ماڻھن خليفي ھارون الرشيد، مامون الرشيد، معتصم، معتمد عباسي ۽ ٻين حاڪمن جي دور ۾ بغاوت ڪئي ۽ ٽيڪس ڏيڻ کان انڪار ڪيو. نتيجي طور انھن بغاوتن کي ڪچلڻ لاءِ وقت جي حاڪمن ھن شھر کي ڪيترائي ڀيرا تباھ ۽ برباد ڪيو. آل بويہ ۽ سلجوقي گھراڻي جي بادشاھيءَ واري دور ۾ ھن شھر ۾ ترقي ٿي[7]. اڳتي ھلي صفوي دور ۾ ھي شھر ايران جي خوشحال شھرن جي صف ۾ شامل ٿي ويو.

قاجاري دور ۾ قاجاري بادشاھ فتح علي شاھ بيبي فاطمہ معصومہ جي حرم ۾ توسيع ڪئي ۽ سونھري گنبند تعمير ڪرايو. پھرين عالمگير جنگ ۾ تھران تي روس جي حملي جو خطرو گھڻو وڌي ويو ان ڪري تھران جا ڪيترائي ماڻھو لڏي اچي ھن شھر ۾ رھيا[8]. پھلوي دور ۾ آيت اللّٰہ خمينيءَ بادشاھ خلاف انقلاب جي شروعات ھن ئي شھر کان ڪئي. فيبروري 1979ع ۾ اھو انقلاب ڪامياب ٿيو، ايران ۾ بادشاھي نظام جو خاتمو اچي ويو ۽ اسلامي حڪومت قائم ٿي.

سياحتي ۽ تاريخي ماڳسنواريو

قم کي زيارتن جو شھر چئجي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو. ھتي جي ڪجھ زيارتن ۽ تاريخي ماڳن جي فھرست ھيٺ ڏجي ٿي:

  • حرم فاطمہ معصومہ: حضرت بيبي فاطمہ معصومہ جي مزار ھن شھر جو سڀ کان مقدس ماڳ آھي. ھيءَ مزار سڀ کان پھريائين سلجوقي دور جي ابو الفضل عراقيءَ تعمير ڪرائي. صفوي ۽ قاجاري گھراڻي جي بادشاھت واري دور ۾ ھن مزار جي مرمت ۽ تعمير تي خاص ڌيان ڏنو ويو. ھن مزار جو سونھري گنبند قاجاري بادشاھ فتح علي شاھ تعمير ڪرايو.
  • بيت النور: بيت النور کي بيبي فاطمہ معصومہ جي عبادتگاھ سمجھيو وڃي ٿو. جڏھن پاڻ قم ۾ رھائش اختيار ڪئي تہ ھن جاءِ کي عبادت ۽ بندگيءَ لاءِ پسند ڪيائين. بيت النور فلڪہ چھار مردان جي ويجھو آھي جيڪومزار کان اٽڪل ھڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع آھي.
  • مسجد جمڪران: ھيءَ مسجد اسلامي اڏاوت جو ھڪ نادر نمونو آھي. ھيءَ مسجد قم شھر جي ڏکڻ اولھ حصي ۾ موجود آھي. روايتن مطابق ھيءَ مسجد شيعا مسلمانن جي آخري امام، امام مھديءَ جي حڪم سان تعمير ڪئي وئي. امام مھدي 255ھ ۾ پيدا ٿيو ۽ مسلمانن جو عقيدو آھي تہ ھو خدا جي حڪم سان اڃا تائين زندھ آھن ۽ خدا جي حڪم سان سندن ظھور ٿيندو. سڄي دنيا جا مسلمان، خاص طور تي شيعا ھن بابرڪت مسجد ۾ اچي نماز پڙھندا آھن ۽ دعائون گھرندا آھن.
  • مسجد اعظم: ھن مسجد جو شمار قم جي عاليشان تاريخي عبادتگاھن ۾ ٿئي ٿو. ھيءَ مسجد آيت اللّٰہ سيد حسن طباطبائي جي حڪم سان تعمير ٿي ۽ فاطمہ معصمہ جي مزار جي ڀر ۾ تعمير ٿيل آھي. ھن مسجد جي ڀتين، گنبند ۽ منارن تي ٿيل ڪاشيءَ جو ڪم من کي موھي وجھي ٿو.
  • مسجد امام حسن عسڪري: ھيءَ قم شھر جي سڀ کان قديم مسجد آھي جيڪا ٽي صدي ھجريءَ ۾ احمد بن اسحاق قمي تعمير ڪرائي. احمد قمي حضرت امام حسن عسڪريءَ جو وڪيل ۽ نمائندو ھو. حضرت امام حسن عسڪري ھن مسجد کي درس ۽ تدريس جو محل سڏيندا ھئا. ڪيترائي وڏا شيعا عالم ھن مسجد ۾ علم جي طالبن کي ديني تعليم جو درس ڏيندا ھئا. ايران جي اسلامي انقلاب جي باني آيت اللّٰہ خمينيءَ بہ ھن مسجد ۾ ديني تعليم حاصل ڪئي.

قم ۾ ٻيا بہ ڪيترائي تاريخي ۽ ديني يادگار سياحن جي روح جي راحت بنجن ٿا. انھن ۾ امام خمينيءَ جو ڪچي مٽيءَ مان ٺھيل گھر، شيعا عالم شيخ صدوق جي والد علي بن حسين بابويہ َقمي جو مقبرو، شاھ عباس صفويءَ جو مقبرو، فتح علي شاھ قاجار جي آخري آرامگاھ، قم جي شاھي بازار، جمڪران جو قلعو۽ ّخضر جبل شامل آھن. ان کان علاوہ ھتي ٻين بہ ڪيترن ئي امامن ۽ بزرگن جون مزارون آھن.

ديني مدرسا، کوجنا جا ادارا ۽ يونيورسٽيونسنواريو

يونيورسٽيون: قم يونيورسٽي، المصطفيٰ انٽرنيشنل يونيورسٽي، حڪمت يونيورسٽي قم، شھاب دانش صنعتي يونيورسٽي، تھران يونيورسٽي قم ڪئمپس، صنعتي يونيورسٽي قم، اسلامي آزاد يونيورسٽي قم ڪئمپس، مفيد يونيورسٽي، پيام نور يونيورسٽي قم، معصوميہ يونيورسٽي، ميڊيڪل يونيورسٽي قم، جامعہ المصطفيٰ العالميہ، باقرالعلوم يونيورسٽي، اديان و مذاھب يونيورسٽي، قرآن و حديث يونيورسٽي، معارف اسلامي يونيورسٽي.

مدرسا: الزھريٰ مدرسو، شھيد حسن شاھ شيرازي مدرسو، امام حسين مدرسو، امام باقر مدرسو، علميہ امام مھدي مدرسو، امام المنتظر مدرسو، رسول اعظم مدرسو، حوزہ علميہ قم، رضويہ مدرسو، ستيہ مدرسو، امام خميني مدرسو، ابا صالح مدرسو، المھدي مدرسو، امام مھدي موعود مدرسو، بقيتہ اللّٰہ مدرسو، حقاني مدرسو، جانبازان مدرسو، رسالت مدرسو، شھيدين مدرسو، صدوق مدرسو، عترت مدرسو، ڪرمانيھا مدرسو، معصوميہ مدرسو، امام عصر مدرسو، سعد حلت مدرسو، اثير الملڪ مدرسو، سيد سعين عزيزالدين مرتضيٰ مدرسو، سيد زين العابدين مدرسو، ابوالحسن ڪميج مدرسو، شمس الدين مرتضيٰ مدرسو، مرتضيٰ ڪبير مدرسو ۽ درب آستانہ مدرسو

ٻيا تعليمي ۽ کوجنا جا ادارا: طلوع مھر ايڊيوڪيشنل انسٽيٽيوٽ، ٽي وي ريڊيو ڪاليج، دانشگاہ جامع علمي ڪاربردی واحد استان قم، ٽيڪنيڪل ڪاليج فار بوائز، امام خميني تعليمي ۽ تحقيقي ادارو، اسلامي فڪر ۽ ثقافت جو تحقيقي ادارو، اسلامڪ انسٽيٽيوٽ آف ڪلچر اينڊ سائنسز، شھيد محلاتي ڪاليج، اسلامڪ رائيٽنگ ۽ ريسرچ ڪاليج، موسسہ فڪر اسلامي ۽ مجلس خبران رھبري سيڪريٽريٽ.

گئلريسنواريو

حوالاسنواريو

  1. "آشنایی با استان قم". همشهری آنلاین (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-03-01. 
  2. Shams, Alex. "On Persian pilgrimages, Pakistanis and Indians reconnect with Iran". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2022-03-01. 
  3. "علت نامگذاري قم به اين نام و القاب منسوب به اين شهر - انوار پراکنده نسخه متنی". library.tebyan.net. حاصل ڪيل 2022-03-01. 
  4. "توصیه‌ روحانی به استاندار جدید قم درباره مراجع و علما". خبرآنلاین (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-03-01. 
  5. زنده دل، حسن (۱۳۷۹). راهنمای گردشگری ایران، استان قم. نشر ایرانگردان.
  6. سیر تاریخی کتابخانه ها در افغانستان / تالیف غلام فاروق نیلاب رحیمی.. Afghanistan Centre at Kabul University. 1982. http://dx.doi.org/10.29171/azu_acku_z665_noon98_1361. 
  7. بررسی صدمات روانی پس از خودسوزی در زنان :. Afghanistan Centre at Kabul University. 2017. http://dx.doi.org/10.29171/azu_acku_risalah_hv6545_9_swaat22_1396. 
  8. سیر تاریخی کتابخانه ها در افغانستان / تالیف غلام فاروق نیلاب رحیمی.. Afghanistan Centre at Kabul University. 1982. http://dx.doi.org/10.29171/azu_acku_z665_noon98_1361.