قلفي ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ کير، کنڊ ۽ ٻين جزن مان ٺاھيو ويندڙ مٺو کاڌو آھي. قلفي جي ملاوٽ کي مختلف قسم جي ماپن جي سانچن ۾ وجھي برف يا فرج ۾ جمائڻ لاءِ رکيو ويندو آھي. ڪجهه سانچن ۾ ڄمائڻ لاءِ رکڻ کانپوءِ ڪاٺي وڌي ويندي آھي ۽ ڪجهه ۾ ڄمڻ کانپوءِ وڌي ويندي آھي جيڪا قلفي کائڻ ۾ مدد ڏيندي آھي. قلفي جو ذائقو وڌائڻ لاءِ ان جي مٿان ڪچو شربت، ناريل جو ٻورو، گلقند وغيرہ ھنيو ويندو آھي.

قلفي